خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ۾ 2022 ٻوڏ کان پوءِ تباھ ٿيل گوزو لنڪ روڊ جي تعمير نه ٿيڻ خلاف گوزو لنڪ روڊ جدوجھد ڪميٽي ۽ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي حافظ حاجن لغاري ، اسد الله لغاري، فقير علي حسن جانوري، شفيق گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خيرپورناٿن شاھ جي مين چونڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته گوزو لنڪ روڊ ڳوٺ ميرحسن کان ڪاڇي تائين وڃي ٿو، روڊ خراب ٿيڻ ڪري علائقي واسين کي پريشاني ٿئي ٿي، حادثا به معمول بڻيل آهن. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيسيتائين روڊ نه ٺھندو تيستائين تحريڪ جاري رھندي.