خيرپورناٿن شاه ( رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه ويجهو  ڪنڊيچکي پوسٽ تي مقرر پوليس اهلڪار برڪت رانجهاڻي ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڳوٺ ڪنڊيچکي جي ملاح برادري جي سوين ماڻهن جو انور ملاح، وزير ملاح، نديم ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي عورتن ٻارڙن سميت ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ڌرڻي سبب بلوچستان ڪراچي حيدرآباد لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ٽرڪون ٽرالر سوين تعداد ۾ بيهي ويون، ڌرڻي دوران انور ملاح  نديم ملاح ۽ ٻين دانهيو  ته پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارڙن تي سخت تشدد ڪري ڀاءَ وسيم کي بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هنن دانهيو ته اهلڪار برڪت رانجهاڻي سڄو علائقو تپائي ڇڏيو آهي جيڪو پاڻ منشات فروشن جو ساٿاري آهي غريب مزدورن کي چيڪنگ بهاني تنگ ڪري انهن کي گرفتار ڪري پئسا وٺي ڇڏڻ ان جو معمول بڻيل آهي هنن آء جي سنڌ. ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو نوٽيس وٺي انصاف ڪري اهلڪار برڪت رانجهاڻي خلاف ڪاروائي ڪري بنا جواز گرفتار ڪري گم ڪيل پورهيت نوجوان وسيم کي آزاد  ڪرڻ جو مطالبو ڪيو  آهي ڌرڻي دوران ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاه سرفراز منگي، ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو مظاهرين کين کتو جواب ڏيندي چيو ته جيسيتائين بنا جواز گرفتار ڪيل وسيم ملاح کي آزاد نٿو ڪيو وڃي ڌرڻو جاري رهندو، ٽن ڪلاڪن بعد ڌرڻي دوران ڊي ايس پي سرفراز منگي ميڊيا کي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل وسيم ملاح منشيات فروش آهي جيڪو منشيات وڪرو ڪندو آهي ان ڪري ان کي گرفتار ڪيو آهي ٽن ڪلاڪن بعد وسيم ملاح کي ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاه سرفراز منگي جي حڪم تي کين آزاد ڪري ڌرڻي واري جاءِ تي کڻي مظاهرين حوالي ڪيو، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو