خيرپورناٿن شاھ(ن پ ا(خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ھديو کوسو جي رھواسين ڳوٺ جي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف مسمات شبانا کوسو، مسمات ريشمان کوسو پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي سخت احتجاج ڪيو، جتي مسمات شبانا کوسو دانهيندي ٻڌايو ته منھنجو مڙس پورھيت آھي، جيڪو ڪراچي ۾ مزدوري ڪري ٻچن جو گذر صفر ڪندو آھي رات دير سان اسان مٿان علي گل کوسو ، حڪيم کوسو ، جبار کوسو، محمد خان عرف نياز کوسو ۽ ٻه نا معلوم حملو ڪيو جنھن دوران مان زخمي ٿي پيس ۽ منهنجي ٻڪري ، گھر ۾ پيل سامان زيورات کڻي ڳوٺ مان لڏڻ جون ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا،ھن ٻڌايو ته خيرپور ناٿن شاھ ٿاڻي تي حملي آورن خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ھن مھل تائين انھن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نا آھي، ھنن ايس ايس پي دادو ، ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاھ کان مطالبو ڪيو ته حملي آورن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ،ٻي صورت ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو.