خيرپورناٿن شاھه(ن پ ا) صحافي اي ڊي شر جي قتل ۽ انصاف ملڻ خلاف خيرپورناٿن شاھ ۾ مھراڻ پريس ڪلب ۽ سٽي پريس ڪلب خيرپورناٿن شاھ جي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن واپارين ۽ شھرين جو اسلم شيخ ، حميد گوزائي ،عابد ٻٻر ، حافظ حاجن لغاري ، اعجاز سومرو جي اڳواڻي ۾ علمدار چوڪ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو، جتي ھنن خطاب ڪندي چيو ته ٺري ميرواهه جي صحافي اي ڊي شر کي بيگناهه قتل ڪيو ويو جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪيون صحافي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي.