خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ جي ڳوٺ ڪريم داد لنڊ ۾ 2 معصوم ٻارڙا 5 ورھين جو محمد ولد علي نواز جمالي ۽ 9 ورھين جو عبدالله ولد غلام شبير جمالي سخت گرمي سبب بيھوش ٿي ڪري پيا، جن کي تعلقا اسپتال پھچايو ويو، معصوم محمد جمالي کي سيوهڻ اسپتال نيو ويو ته ھو رستي ۾ ئي گرمي جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو ، جڏھن نينگر ته عبدالله جمالي کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.