خيرپورناٿن شاهه ( ن پ ا ) خيرپورناٿن شاه ڀرسان ڳوٺ مراد گاڏهي ۾ چوڏهن ورهين جو نينگر ضامن علي ولد امام الدين گاڏهي پسٽل صاف ڪندي فائر لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيو، زخمي کي گهر ڌڻين تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاه کڻائي پهتا، جتي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي نينگر ضامن جو لاش پوسٽ مارٽم ضروي ڪاغذي ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي فوتي جو لاش جي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جي والد امام الدين گاڏهي ميڊيا ۽ پوليس کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ ضامن علي پسٽل صاف ڪري رهيو هيو پسٽل ۾ گولي پيل هئي اوچتو فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پيو جنهن کي لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا هيا سين هو رستي ۾ فوت ٿي ويو، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان ضامن علي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي.