خيرپورناٿن شاھ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ۾ رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ ڪڏڻ شاخ، نارا ڊسٽري، ڪالرو شاخ، آباد شاخ، پيڄاھو شاخ سميت 15 کان وڌيڪ واھن شاخن جي پڇڙي تائين کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ھارين امجد گاڏھي حافظ حاجن لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آبپاشي کاتي وارن جي نا اهلي جي ڪري رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ واهن شاخن جي ھن مھل تائين کاٽي نه ٿي سگھي آھي جيڪڏھن کاٽي نه ٿي ته پوڇڙي تائين پاڻي نه پھچندو ۽ آبادي نه ٿيندي ھنن وڌيڪ چيوته آبادي نه ٿي ته علائقي ۾ ڏڪار پيدا ٿيندو ماڻهو بک بدحاليءَ جي ور چڙهي ويندا ھنن آبپاشيءَ جي اعلي۱ عملدارن مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏھن کاٽي نه ٿي ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو..