ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي ايم سي ۽ ٽي ايم سيز ۾ روڊ ڪٽنگ چارجز جي اوڳاڙي تان تڪرار شروع، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب مڪاني ادارن واري وزير کي خط لکي خدشن کان آگاھه ڪري ڇڏيو ، ميئر مرتضيٰ وهاب خط ۾ڄاڻايو آهي ته ڪي ايم سي جي حدن ۾ ايندڙ روڊن جي روڊ ڪٽنگ چارجز سميت ٻيون اوڳاڙيون به ٽي ايم سيز پاران ڪيون پيون وڃن، خط ۾ لکيو ويو آهي ته يوٽلٽي ادارن پاران شهر جي اهم شاهراهن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي، اتان جي روڊ ڪٽنگ جي اوڳاڙي ٽي ايم سيز پاران ڪئي پئي وڃي، خط ۾ لکيو ويوآهي ته گيس جي فراهمي ضروري آهي پر روڊن جي مرمت به ايتري ئي ضروري آهي، رقم اوڳاڙڻ باوجود ڪيترين ئي ٽي ايم سيز پاران مرمتي ڪم ناهي ڪرايو ويو، هن لکيو آهي ته ٽائونز پاران ڪي ايم سي جي حدن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي، ميئر پاران لکيو ويو آهي ته ٽي ايم سيز کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته اهي پنهنجن حدن ۾ رهي ڪم ڪن.