ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪي ايم سي کي ڪراچي جي سمورن ٽائونن جي رٽائرڊ ملازمن کي به ٻن سالن تائين پينشن ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته ٻن سالن ۾ ٽائون مينيجمينٽ ميڪنزم ٺاهيو ويندو،ڪالهه ٻڌڻي دوران مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ کاتي جا عملدار پيش ٿيا، ميئر عدالت کي ٻڌايو ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن واري مسئلي تي مون چيف سيڪريٽري سان ملاقات ڪئي آهي، سمورا درخواستگذار پينشن جا حقدار آهن، هن وقت مسئلو  اهو آهي ته انهن کي  پينشن جون رهتون ڪير ادا ڪندو؟ ڪي ايم سي ٽائونن جي ملازمن جي پينشن ادائگي جي ذميوار ناهي، جنهن تي عدالت چيو ته ناڻي کاتي جي دستاويزن موجب ٽائون ( ٽي ايم سي) پگهارن، پينشن ۽ ترقياتي خرچن جا ذميوار آهن، انهي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته ناڻي کاتي نئون جواب جمع ڪرايو آهي, عدالت پڇاڻو ڪيو ته ناڻي وارو سيڪريٽري ڪٿي آهي؟ ناڻي کاتي جو ڪو به اعليٰ عملدار ڇو نه آيو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ناڻو کاتو چوي ٿو ٿه  ادائگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ٽي ايم سي چوي ٿي ته کين هڪ پئسو به ناهي مليو، جنهن تي ميئر ڪراچي چيو ته ڪائونسل پنهنجن ملازمن لاءِ پراويڊنٽ فنڊ قائم ڪري سگهي ٿي، گهڻا ملازم ڪي ايم سي جا آهن. اسان 2023ع ۾ فيصلو ڪيو ته اسان ڪي ايم سي ملازمن کي پينشن ڏينداسين، هن چيو ته ڪي ايم سي کي هر مهيني پينشن جا 39 ڪروڙ رپيا ملن ٿا، جڏهن ته پينشن جا خرچ 500 ملين ( 50 ڪروڙ ) کان وڌيڪ آهن، هن  چيو ته اسان ٻن سالن جي مدي جي تجويز ڏني آهي، جيستائين ناڻي کاتي کان فنڊ ملندا، ڪي ايم سي پينشن ڏيندي رهندي, عدالت مڪاني کاتي جي ايڊيشنل  چيف سيڪريٽري خالد حيدر شاهه کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا ٽي ايم سي پگهارون ڏئي رهي آهي؟ جنهن تي هن وراڻيو ته ٽي ايم سي پگهارون ڏئي رهي آهي، مسئلو پينشن جي ادائيگي جو آهي.