ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي پاران ڪي اليڪٽرڪ ذريعي بجلي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙي روڪڻ واري درخواست تي قانوندان خالد جاويد ۽ منير اي ملڪ کي پنهنجو معاون مقرر ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت ٽيڪس اوڳاڙي روڪڻ واري منع نامي ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، ڪالهه ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پيش ٿي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس جي شفاف اوڳاڙي ٿي رهي آهي، ساڍا 7 لک شهرين ساڍا 6 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي. جنهن تي عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪي ايم سي پهرين پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪري پوءِ عوام کان ٽيڪس اوڳاڙي، ٻئي طرف  عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالھائيندي مرتضيٰ وھاب  چيو ته اسان عدالت کي ٻڌايو ته ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو اهي،  شفاف اوڳاڙي سان  ٽيڪس جا پئسا ڪي ايم سي وٽ ايندا هن چيو ته شهر مان ڪچرو صاف ڪرڻ ڪي ايم سي  نه ڊي ايم سيز جو ڪم آهي،