ڪراچي: ڪي ايم سي پاران زمينن جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ميئر  مرتضيٰ وهاب ڪي ايم سي جي زمين واري رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ واري آفيس جو افتتاح ڪري ڇڏيو،  ان موقعي تي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته شهرين کي هاڻي زمين جي منتقلي ۽ ٽيڪس جو ريڪارڊ ڊجيٽلائيزڊ ملندو، هن چيو ته سمورن پينشنرن ۽ ملازمن جو رڪارڊ پڻ هاڻي ڊجيٽلائيزڊ  ٿيندو