دبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪي ايل راهول چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي فتح کي محنت ۽ ٽيم ورڪ جو نتيجو قرار ڏيندي ان کي هڪ خواب جي ساڀيان قرار ڏئي ڇڏيو. ميچ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي راهول چيو ته هي سندس چيمپيئنز ٽرافي آهي ۽ فتح ڏاڍو خوش آهي. هن چيو ته پوري ٽورنامينٽ دوران ٽيم بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هر رانديگر پنهنجي ذميواري نڀائي، جيڪا ڪاميابيءَ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ رهي. پنهنجي وڪيٽ ڪيپنگ بابت ڳالهائيندي راهول ٻڌايو ته اهو سندس لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن ٻڌايو ته جڏهن ماڻهو مون کان پڇن ٿا ته مان ڪيئن وڪيٽ ڪيپر بڻيس ته مان هميشه چوندو آهيان ته شروع کان ئي وڪيٽ ڪيپر هئس، پر ڀارت لاءِ کيڏڻ جو گهٽ موقعو مليو. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هن ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته هو وڪيٽ ڪيپر بيٽر طور کيڏندو هو، پر وقت سان گڏ بيٽنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. هن چيو ته 2019 ۾ جڏهن ٽيم کي وڪيٽ ڪيپر جي ضرورت هئي ته مون ذميواري قبول ڪئي ۽ تڏهن کان اهو ڪردار نڀائي رهيو آهيان. “ ٽيم ۾ پنهنجي بيٽنگ پوزيشن بابت ڳالهائيندي راهول چيو ته هو هميشه ٽيم جي ضرورت موجب پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ هڪ ٽيم گيم آهي ۽ رانديگر کي پنهنجي ذميواري سمجهي ان موجب کيڏڻ گهرجي. خوشي آهي ته مختلف ذميواريون مليون جيڪي سٺي نموني نڀايون. ياد رهي ته آچر ڏينهن ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جتي نيوزيلينڊ 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنسون ٺاهيون. ڀارت 49 هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.