ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڪي اليڪٽرڪ طرفان صارفين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي مد ۾ وصول ڪيل 32 ارب رپين جي سنڌ حڪومت کي ادائگي نه ٿيڻ واري مامري تي  پي اي سي فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين ڪي اليڪٽرڪ جو ڪراچي واٽر بورڊ ۽ سنڌ حڪومت جي ٻين ادارن ڏانھن 30.9 ارب رپين جي رھتن جي ادائگي وارو مامرو حل نٿو ٿئي، تيستائين ڪي اليڪٽرڪ سيپٽمبر 2024ع کان هر مهيني صارفين کان وصول ڪيل ڊيوٽي جي مد ۾ 700 ملين رپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪندي، ڪي اليڪٽرڪ به اهڙي فيصلي سان اتفاق ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف پي اي سي اختيارين ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن فيصلي تي عمل نه ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف فنانشل چارجز لاڳو ڪري استحقاق مجروح ڪرڻ سميت فوجداري ڪارروائي ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ ڪي اليڪٽرڪ آگسٽ 2024ع تائين صارفين کان ڊيوٽي جي مد ۾ وصول ڪيل 32 ارب رپين جي سنڌ حڪومت کي ادائيگي واٽر بورڊ کان 23.5 ارب ۽ سنڌ حڪومت جي ٻين ادارن کان 7.4 ارب رپين جي وصولي سان مشروط ڪري ڇڏي۔ جڏهن ته واٽر بورڊ 23.5 ارب جي ڪي اليڪٽرڪ کي رھتن جي ادائگي جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو. ڪي اليڪٽرڪ وري هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق واٽر بورڊ ڏانھن 23.5 ارب جي رھتن جي ادائڱي جو ذميوار اداري ۽ سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو آهي. پي اي سي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪراچي واٽر بورڊ جي رھتن جو معاملو سنڌ ڪابينا کي اماڻڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين  نثار کهڙو پڇيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي صارفين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي مد ۾ ڪيترا پئسا وصول ڪري رهي آهي؟ جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي سعديه دادا ٻڌايو ته 65 لک گهرن کان 6 سيڪڙو ڊيوٽي جي حساب سان هر مهيني 500 کان 700 ملين رپيا وصول ٿين ٿا. جنهن تي پي اي سي چيئرمين سوال ڪيو ته جڏهن ته صارفين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي وصول ڪئي وڃي ٿي ته اها سنڌ حڪومت کي ڇو نٿي ڏني وڃي؟ جڏھن ته ڪي اي اھا رقم پاڻ وٽ رکڻ جي مجاز ناھي، ڇا ڪي اليڪٽرڪ اها رقم هڙپ ڪرڻ چاهي ٿي؟  پي اي سي ميمبر  قاسم سومرو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ اها رقم نه ڏني ته پارليامينٽيرين وانگر ان تي به پابندي لڳي سگهي ٿي. ڪي اليڪٽرڪ جي سعديه دادا ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ  نقصان ۾ وڃي رھي آھي، انهي هوندي اپريل 2024ع ۾ 721 ملين ۽ مئي 2024ع ۾ 545 ملين رپيا ڊيوٽي جي رقم سنڌ حڪومت کي ادا ڪيا آهن. جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته ڪي اليڪٽرڪ صرف 2 مهينن جي ڊيوٽيءَ جي رقم ادا ڪري سنڌ حڪومت کي داڻو نه ڏئي،  32 ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ڪڏهن ادا ڪندي ؟ جنهن تي ڪي اليڪٽرڪ جي سعديه دادا چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جون ڪراچي واٽر بورڊ ڏانهن 23.5 ارب ۽ سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن ڏانهن 7.4 ارب رهيل آهن، جيڪڏھن اهي ادارا ڪي اليڪٽرڪ کي رهتون ادا ڪن ته ِ ڪي اليڪٽرڪ به سنڌ حڪومت کي رهتون ادا ڪندي