اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي پارليامينٽ ميمبرز سان ڪنسلٽنٽن جي مدد سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪاميٽي جي ميمبر ناز بلوچ چيو ته ڪنسلٽيشن ڪاميٽيءَ جي اجلاس بعد ڪي اليڪٽرڪ جي وڪالت ڪندا آهن، اسٽينڊنگ ڪاميٽي پروسيڊنگ ۾ ڪنسلٽيشن ذريعي مداخلت جي ڪوشش ڪئي وئي. ائين نه ٿيڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ لاءِ اسٽيڊنگ ڪاميٽي فورم موجود آهي. ڪي اليڪٽرڪ ڪئين سڌي ريت ڪنهن معاملي تي ميمبرز سان رابطو ڪري سگهي ٿي، ڪاميٽي ميمبر مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري ڪراچي جي عوام کي سستي ۽ بنا لوڊشيڊنگ بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي، پر عوام کي مهانگي بجلي ملي رهي آهي، سي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي چيو ته آڪٽوبر 2021ع کان جون 2022ع تائين اسان سبسڊي ڏني، حڪومت پاران 7 ارب جي سبسڊي ڏني وئي جيڪا اسان ڏئي چڪا آهيون. ڪراچي چيمبر جي صدر جاويد بلواڻي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ سبسڊي صارفين تائين پهچائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. نيپرا عملدارن جو چوڻ هو ته باقي ڊسڪوز صنعتن لاءِ حڪومت طرفان مقرر ڪيل 12 رپيا 95 پئسا في يونٽ ڏنو. ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو ئي ٽيرف چارج ڪيو. اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان معاملي تي چيئرمين نيپرا کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو، اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڪي اليڪٽرڪ کي عدالت کان ٻاهر ڪيس حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي. چيئرمين ڪاميٽي چيو ته نيپرا چيئرمين، ڪي اليڪٽرڪ کي ويهاري معاملي جو حل ڪڍيو ويندو. سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي چيو ته فيصلو حق ۾ آيو ته تسليم ڪنداسين، نه آيو ته قانوني فورمز جو حق آهي.