اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينا عبوري واڌ ڪئي وئي، ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جو 20 سالن وارو مُدو اڄ ختم ٿي رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ وڌيڪ 20 سالن لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، نيپرا جو چوڻ آهي ته درخواست تي عوامي ٻڌڻي بعد لائسنس جي تجديد بابت طئه ڪيو ويندو، ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس ۾ 6 مهينا واڌ ڪري عبوري رليف ڏنو آهي.