لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا تي ڪيترين ئي ڏهاڪن تائين حڪمراني ڪندڙ اڳوڻي راڻي ايلزبيٿ ثاني جي شادي جي ڪيڪ جو 77 سال پراڻو ڪيڪ جو ٽڪرو نيلام ڪيو ويو آهي. پرنس فلپ سان ايلزبيٿ جي شادي 20 نومبر 1947ع تي ٿي هئي ۽ ان موقعي تي 277 ڪلو گرام جو وڏو ڪيڪ پيش ڪيو ويو هو. ڪيڪ جو هڪ ٽڪرو بڪ باڪس ۾ محفوظ بڻايو ويو هو جنهن سان ايلزبيٿ سان منسوب چاندي جو نشان، ڪنوار طرفان لکيل خط ۽ هڪ آرائشي ڊوئلي به هئي. ان خاص باڪس کي شاهي جوڙي پاران ايڊنبرا ۾ موجود هولي روڊ هائوس جي سار سنڀال ڪندڙ ميريئن پولسن کي تحفي ۾ ڏنو ويو هو. نيلام گهر ريمن ڊينسي ۾ اهو ڪيڪ جو ناياب ٽڪرو 2 هزار 831 ڊالرن ۾ نيلام ڪيو ويو جيڪو پاڪستان جي ڪرنسي ۾ تقريبن 8 لک رپيا ٺهي ٿي.