ڪيڏا مون سان ڪِيس، ترس تو نه آيو !

0
75
ڪيڏا مون سان ڪِيس، ترس تو نه آيو !

اڄ جڏھن لکڻ لاءِ ويٺو آھيان ته ڏاڍو نراس آھيان،  نه رڳو ان ڪري ته موسم تبديل ٿي رهي آھي، پر سماجي ڪٺورپائي به عروج تي آھي، اسان جنهن صديءَ ۾ جِي رهيا آھيون، اها صدي اسان کي جيئڻ به ڪونه ٿي ڏي،  ڇاڪاڻ ته اسان کي پنهنجو مستقبل اونداهي اڌ رات ۾ ڪنهن جن ڀوت جهڙو نظر ٿو اچي،  اسان هڪ وڏي ڀوڳنا ڀوڳي رهيا آھيون، ۽ اسان جي چوڌاري آئنده جو اونو شرمندگي جو باعث بنجي رهيو آھي،  ڇاڪاڻ ته اسان ايترو بيوس ۽ باندي بڻايا ويا آھيون جو اسان جو آواز اقتداري ڌر ٻڌي ئي ڪونه ٿي ۽ اسان مايوسي،  بي ترتيبي ۽ احساس محرومي جو شڪار ٿيندا ٿا وڃون، اسان کي پنهنجا حق گُهرڻ تي گداگر سمجهيو ٿو وڃي، اڄ کان ڪيئي سال اڳ يوناني فلسفي ۽ معلم  مارٽن بيوبر لکيو هو ته هن ڪائنات ۾ انسان ڪيڏو نه پاڻ کي نڌڻڪو ٿو سمجهي،  جيتوڻيڪ هن دور کي مسوليني جي فاشزم ۽ هٽلر جي نازي ازم سان ته ڀيٽي نه ٿو سگهجي،  پر چونڊيل نمائندن جي  عوام سان بيوفائي، سنڌو درياءَ کي سڪائڻ جي منصوبن سبب ماڻھن ۾ ساڳي بي چيني جو خاموش اظھار موجود آھي ۽ ھو سمجهن ٿا ته هر حڪومتي دور ۾ ساڻن ڪوڙن واعدن ڪرڻ سان سندن حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي،  پسئن تي نوڪريون ڏيڻ، مهانگائي ۽  پنهنجا نوازي سبب پورهيت طبقو اوس مفلوج رهي ٿو، پورهيت سوچين ٿا ته بغير هٿيارن جي نفسياتي طرح سندن قتل عام جاري آھي. هي انساني جذبن جو قتل عام، مهاڀاري لڙائين ۾ انساني قتل عام کان ٿورو مختلف آھي، انهن لڙائين ۾ انسانن جا ڪنڌ ڪپيا ويندا هئا، ھاڻي نفسياتي لڙائين ۾ انسانن جا جذبا قتل ڪيا وڃن ٿا، مهاڀاري لڙائين دوران انسانن جي رت جا درياءَ وهايا ويا هئا، هڪ اندازي مطابق 1917ع ۾ روس جي انقلاب کان پاڪ و هند جي ورهاڱي دوران ٽي ملين جي لڳ ڀڳ ماڻھو ماريا ويا هئا، ان دوران  گرفتارين، آرٽ ۽ ادب تي پابنديون ۽ ٻيا ڪيئي جبر جن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا هئا، جن ۾ ڪرشن چندر جو ڪتاب، هم وحشي هين،  خوشونت سنگھ جو ناول ٽرين ٽو پاڪستان، چمن نهال جو انگريزي ۾ آزادي، لئري ڪالنس ۽ ڊومنيڪ لاپيئري جو freedom at mid night  ۽ ٻين  ڪتابن کي پڙھندي اهو اندازو لڳائڻ ڪو گهڻو ڏکيو ڪونهي ته ماڻھو ڪڏھن ڪڏھن ڪيئن نه مرون ٿي پوي ٿو!

اسان وٽ پنجاب جي ارهه زورائين جو داستان گهڻو ڊگهو آھي، سنڌو ندي تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي اعلان کان ويندي سنڌو ندي تي ڇھن ڪئنالن جو منصوبو، سنڌ جي رهواسين جي جذبن جو قتل ئي آھي. سنڌو ندي تي پنجاب جي ڪئنالن ڪڍڻ جي هوڏ خلاف اڳ جيان اڄ به ماڻھو احتجاج ۾ آھن. اسان وٽ رولنگ طبقو اڄ به عياشين ۾ آھي، هو شاهي محلاتن ۾ بنان ڪنهن فڪر ۽ ڳڻتي جي رنگين راتيون ملهائڻ ۾ مصروف آھن، فقط غريب طبقو سورن ۾ گهاري ٿو،  جن تي کين ڪو ترس ئي ڪونه ٿو اچي.

ڪيڏا مون سان ڪِيس!  ترس تو نه آيو،

آئون  نڪران ٿو اڳتي، توکي ڪهڙي ريس؟

آئون به انسان آھيان، تنهنجو  جوڙ جيس،

ڪيڏا مون سان ڪِيس! ترس تو نه آيو.

مون کي ياد آيو هڪ شام پاڙي جو جوان اوطاق تي آيو، چيائين فلاڻو وڏيرو مون کي زمين تان بيدخل ڪرڻ لاءِ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ گهر کي ساڙڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي، ٽي ڏينهن هن کي پوليس پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪرڻ جي اڌ ڪلاڪ اندر ئي سندس سهري جي گهر کي باهه ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري چرس ۾ چالان ڪري جيل موڪلي ڇڏيو، مون کي ان تي انگريزي جو هڪ ٻاراڻي نظم جو ٽڪرو ياد آيو:

Lady Bird، Lady Bird Fly home.

Your house is on fire!

And your children are alone.

معنيٰ ته پکي ماءُ اڏر،  وڃ پنهنجي آکيري، تنهنجي گهر کي باهه لڳي آھي، ۽ تنهنجا ٻڄا بي سهارا بڻيل آھن.

هن وقت سنڌ جا رهواسي به ذري گهٽ اهڙي حالت مان گذري رهيا آھن، جهڙي ڪيفيت شاعر  هن شعر ۾ پکي جي ڄاڻائي آھي. جنهن وقت سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي ماڻھن جي پاڻي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته سنڌ واسين جي وجود کي ڄڻ باهه لڳل آھي، درياءَ انسانن، جانورن، پکين ۽ ٻين ساهوارن کي زندهه حيات رکڻ جو ذريعو هوندا آھن. گڏوگڏ درياءَ انساني تمدن جا به تخليقڪار هوندا آھن، هن وقت سنڌو درياءَ ۾ اڏامندڙ واري ڏسي مون کي بيدل جو هڪ شعر ياد ٿو اچي:

مباش ھمچو گهر،  مرده ريگ اين دريا،

نظر بلند کن و همت حباب طلب.

ترجمو: اي درياءَ جي واري، موتي وانگر مرده نه ٿي،  نظر مٿي ڪر ۽ حباب جي همت ڌار.

هن وقت جڏھن اسان وٽ گرمي وڌڻ لڳي آھي ۽ ڏينهن آتش نمرود جيان تپڻ شروع ٿيا آھن ته ان وقت درياءَ سُڪو پيو آھي. ساري سنڌ صحرا جو ڏيک ڏيڻ لڳي آھي ۽ سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياءَ تي ٺھندڙ نون ڪئنالن خلاف روڊن تي سراپا احتجاج آھن. قومپرست پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي احتجاج کان پوءِ منهن لٿي پ پ به احتجاج ۾ لٿي آھي،  هنن هڪ ڏينهن ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو، سندن احتجاج ۾ شرمندگي هئي، ان جو ڪارڻ چونڊيل نمائندن جو سنڌ، سنڌو ۽ سنڌي ماڻھن سان محبت ۽ همدردي جو جذبو نه هئڻ آھي. هو فقط اليڪشن ۾ ماڻھن کان جذباتي نعرا هڻائي اليڪشن کٽي اقتدار ماڻي ويهي ملڪي خزانو لٽين ٿا ۽ ان حد تائين جو ترقياتي اسڪيمن مان سندن حصو پتي وٺي، نوڪريون به وڪڻي ڇڏين ٿا. سوچيان ٿو،  اهو ڊاه ڊوه ڪيترو وقت رهڻو آھي؟ پورهيت طبقي جا نوجوان، جن کي مائٽ مزدوري ڪري پڙھائين ٿا، جڏھن هو پڙھي مختلف نوڪرين لاءِ انٽرويوز ۾ ويهن ٿا، ته هٿين خالي واپس گهر موٽن ٿا ۽ نوڪرين ۾ اهي ماڻھو کنيا وڃن ٿا، جيڪي پئسا ڏين ٿا ۽ پورهيت ماڻھو آسرن جي رڻ پٽ ۾ ڊڪي ڊڪي مايوس ٿي وڃن ٿا، پڙھئي لکيي پورهيت ماڻھوءَ ۾ آئنده جي بدتر حالتن جو خوف موجود آھي، هو سوچين ٿا ته اڳيان هلي ڪهڙيون حالتون بيهنديون؟ خوف کي جرمني ٻولي ۾  Angst چيو وڃي ٿو. جرمن وجودي فلسفي مارٽن هيڊگر جيڪو سارتر کان اڳي هو، جنهن جي وجوديت جي فلسفي کي تاريخ سارتر جي فلسفي کان وڌيڪ صحيح ثابت ڪيو آھي، هن لکيو ته خوف زندگيءَ جي بنيادي حقيقت آھي،  انگريزي مضمون نگار ۽ نقاد،  مئڪس بيئر بوم Max beer bohm. جنهن خوف جي چٽي تصوير پيش ڪئي،  جنهن ۾ ھن ڏيکاريو ته انسان پنهنجي مستقبل جي تصوير پنهجي اندر جي ماهيت ۾ ڏسي ٿو، جنهن ۾ ھو پاڻ کي ڀوت وانگر لڳي ٿو ۽ ھن جي اندر ۾ ڪيئي سوال اڀرن ٿا،  جهڙا  هن وقت سنڌ جي ماڻھن جي اندر ۾ سنڌو ندي تي ٺھندڙ نون ڪئنالن کان پوءِ ۽ بيروزگار نوجوانن جا سندن مستقبل جي باري ۾ آھن.

آئون رات خواب ڏسندس،

پاڻ درياءَ ۾ ڪشتي تي سوار هونداسين،

بهارن جي چاندني ڀاڪرن ۾ ھوندي،

۽ ستارن  جي مرڪ نهارن ۾ ھوندي.