ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

0
98
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو
ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو شاگرد حسنين ساريو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو، حسنين ساريو کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال مان ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، حسنين ساريو جي والد نثار احمد ساريو جو چوڻ آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ منهنجي پٽ جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، ڪاليج انتظاميا پاران علاج لاءِ بر وقت موڪل نه ڏيڻ سبب حسنين جو آنڊو ڦاٽي پيو هو، حسنين ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ اڄ صبح 4 وڳي دم ڏنو، وارث نوجوان جو لاش کڻائي لاڙڪاڻي روانا، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ترجمان حفيظ ڪورائي چيو آهي ته شاگرد حسنين ساريو کي ڪاليج اندر طبي امداد ڏني وئي هئي، طبيعت بهتر نه ٿيڻ تي حسنين جي والد کي اطلاع ڪيو ويو، ڪاليج جو پرنسپال شاگرد جي والد سان لاڳيتو رابطي ۾ هو، حسنين ساريو جي عيادت لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج جا استاد ڪراچي به ويا هئا