ڄام نواز علي (ن پ ا) ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ ايٽ ڄام نواز علي ۾ اسپورٽس چيئپين شپ جي اختتامي تقريب ٿي گذري، تقريب جو مهمان خاص طور  بلديات جو وزير سعيد غني هئا کيس ڪيڊٽس جي چاڪ و چئوبند دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو سلامي ڏني، ڪاليج جي ڪمانڊنٽ   پرنسپال ذيشان علي پاران ڪاليج جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ  پيش ڪئي، ڪاليج  جي تعليمي ۽ ٻين سرگرمين بابت ڄاڻ ڏني، ان موقعي تي ڪاليج جي گرائوڊ کي رنگ به رنگي جهنڊين سان سگاريو ويو، جڏهن ته ڪيڊيٽس پاران پي ٽي شو ۾ گهوڙي سواري جمناسٽڪ ۽ جسماني ڪرتب ڏيکارڻ جو  مظاهرو ڪيو، ان دوران مهمان خاص مڪاني کاتن جي وزير سنڌ سعيد غني ايم پي اي ڄام شبير علي خان  ۽ والدين جي وڏي انگ  پاران گهري  دلچسپي جو مظاهرو ڪيو، ان اڳ مهمان خاص پاران خطاب ڪندي ڪاليج جي تعليمي سرگرين جي بهتر ڪارڪردگي تي ڪاليج انتظاميه ۽ اسٽاپ جي تعريف ڪندي ڪاليج جي ڪيڊٽس پاران تعليمي سرگرين سميت راندين جي بهترين سرگرمين جي پڻ واکاڻ ڪئي، هن چيو ته جسماني نشو نما لاءِ رانديون صحت جي نشو نما لاءِ بهترين قدم آهن، اهڙن قدمن جنهن ۾ تعليمي ۽ غير نصابي سرگرمين  ۾  بهتر ڪردار جي ايتري سٺي  ڪارڪردگي پيش ڪرڻ تي ڪاليج انتظاميه مبارڪ جي مستحق آهي.