ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ پاڪ ايران بارڊر تي دهشتگردن جي حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار معمول جي گشت تي هئا ته دهشتگردن ضلعي ڪيچ ۾ پاڪ، ايران بارڊر تي جلگئي سيڪٽر ۾ حملو ڪيو، حملي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيد جوانن ۾ نائيڪ شير احمد، لانس نائيڪ محمد اصغر، سپاهي محمد عرفان ۽ سپاهي عبدالرشيد شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ ايراني اختيارين سان رابطو ڪيو پيو وڃي.