پرٿ (اسپورٽس نيوز) پرٿ ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني فيلڊرن انتهائي ناقص فيلڊنگ جو مظاهرو ڪيو، آسٽريلوي بيٽرن جا انتهائي آسان ڪيچ ڊراپ ڪيا. عثمان خواجه جڏهن 21 رنسن تي کيڏي رهيو هو ته عبدالله شفيق ان جي آسان ڪيچ ڊراپ ڪئي، جڏهن ته خرم شهزاد به ڊيوڊ وارنر جي ڪيچ ڇڏي ڏني، ان وقت هو 104 رنسن تي کيڏي رهيو آهي.