ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪيپ ٽائون ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي ڏکڻ آفريڪا 4 وڪيٽن جي نقصان تي 316 رنسون ٺاهي ورتيون، ڏکڻ آفريڪا طرفان 73 رنسن تي 3 وڪيٽون وڃائڻ بعد ريان رڪيلٽن ۽ ٽيمبا بووما ڄمي ويا، ٻنهي سينچريون ٺاهي ورتيون، ڏکڻ آفريڪا طرفان ريان رڪيلٽن 176 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود، ٽيمبا بووما 106 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ٻين رانديگرن ۾ ايڊن مارڪرم 17، ويان ملڊر 5 ۽ ٽرسٽن اسٽبز بنا کاتو کولڻ جي پويلين موٽيو، جڏهن ته ڊيوڊ بيڊنگهم 4 رنسن سان ريان رڪيلٽن سان گڏ ڪريز تي موجود هيو، پاڪستان طرفان سلمان آغا 2، جڏهن ته محمد عباس ۽ خرم شهزاد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.