ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) پاڪستان پاڻ کي اننگ شڪست کان ته بچائي ورتو پر ميچ نه بچائي سگهيا، ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي سيريز جي آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي، ڏکڻ آفريقا ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريقا پاڪستان طرفان مليل 58 رنسن جو هدف بنا ڪنهن نقصان جي اٺين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، ڊيوڊ بيڊنگهم 44 ۽ ايڊن مارڪرم 13 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ ٻي اننگز ۾ پاڪستان ٽيم 478 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پروٽيز کي ڪاميابي لاءِ 58 رنسن جو هدف مليو. پاڪستان طرفان ڪپتان شان مسعود 145، بابر اعظم 81، سلمان آغا 48، محمد رضوان 41، عامر جمال 34، ڪامران غلام 28، خرم شهزاد 18، مير حمزا 16 رنسون ٺاهيون. واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 615 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته پاڪستان 194 تي ڍير ٿيندي فالو آن جو شڪار ٿي ويو هو. ميچ جو بهترين رانديگر ريان ريڪلٽن کي قرار ڏنو ويو، جنهن پهرين اننگز ۾ 259 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مارڪو جانسن کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، هن ٻن ميچن ۾ 10 وڪيٽون ۽ 80 رنسون ٺاهيون.