اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي اڳواڻ ۽ ڪارندن کي سزا جمهوري احتجاج ۽ رياست تي حملي ۾ فرق کي واضح ڪري ٿي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته قانون کي پائمال ڪري قومي علامتن جي  بي حرمتي آمريڪا ۾ هجي، پاڪستان يا برطانيا ۾ هجي، ان کي ڪا رياست برداشت نه ڪندي آهي، پاڪستاني هٿياربند جٿن جي وڪيلن ۽ ٺيڪيدارن کي آمريڪا کان ئي جواب ملي ويو آهي.