اسلام آباد: مملڪتي ناڻي وزير علي پرويز چيو ته ڪيپسٽي چارجز پاڪستان جي ساورن ڪمٽمنٽس آهي ان جو احترام ڪرڻو پوندو، ڪيپسٽي چارجز جو ازدها بجلي جو استعمال وڌائي قابو ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته بجلي جو استعمال وڌندو ته ڪيپسٽي چارجز جو بار گهٽ ٿيندو، نيپرا جي رپورٽ موجب سمورن ڊسڪوز جا صارفين اوور بلنگ جو به شڪار آهن. هن چيو ته اسان سڀني کي بجلي ڏئي سگهون ٿا پر معاشي لوڊشيڊنگ جو مسئلو آهي جنهن ڪري هر فيڊر تي جتي نقصان آهن اتي ڪجهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ته جيئن گردشي قرض گهٽائي سگهجي.