ٺٽو/ڪيٽي بندر (نمائندن وٽان) صوبائي وزير علي حسن زرداري جي هدايتن تي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ عاشق حسين زرداري جو گھوڙا ٻاري ٽائون ڪميٽي جو دورو، شھر ۾ ٽائون ڪميٽي گھوڙا ٻاري جي طرفان فلٽر پلانٽ جو افتتاح، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ عاشق حسين زرداري گھوڙا ٻاري شھر ۾ ٽائون ڪميٽي گھوڙا ٻاري چيئرمين محمد رمضان پنهور جي طرفان ٺھرايل الله پاڪ جي 99 نالن وارو ٽاور جو افتتاح ڪيو، ان کانسواءِ ھن ڳوٺ ناٿو ملاح ۽ ڳوٺ محمد حسن ملاح ۾ ٺھرايل پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ فلٽر پلانٽس جو پڻ افتتاح ڪيو، مھمان خاص عاشق حسين زرداري گھوڙا ٻاري ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته ٽائون ڪميٽي گھوڙا ٻاري جي چيئرمين محمد رمضان پنهور پنھنجي ڪاوشن سان ۽ دل سان گھوڙا ٻاري جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، جنھن جو مثال گذريل ٻن سالن جي دور ۾ شھر م ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، ھن چيو ته ٽائون ڪميٽي گھوڙا ٻاري ضلعي ٺٽي جو واحد ٽائون ڪميٽي آھي، جتي شھر جي عوام کي ڪروڙين روپين جون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، ھن چيو ته پ پ جو اھو منشور آهي ته عوام جي خدمت ڪجي، ھن چيو ته اسان عوام جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ آيا آھيون، ھن سان گڏ چيئرمين ٽائون ڪميٽي گھوڙا ٻاري محمد رمضان پنهور وائيس چيئرمين ممتاز شورو، مير پنھور، شاھنواز لوھار، اعجاز احمد لاشاري، مير وزير ٽالپر پڻ گڏ ھئا.