ڪراچي: سنڌ ڪابينا پاڪستان گيس سلوشنز ليميٽڊ جي درخواست تي ڪيٽي بندر ۾ ايل پي جي، ايل اين جي ۽ آر ايل اين جي بندرگاهه جي قيام لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ليٽر آف سپورٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا توانائي کاتي کي پي جي ايس ايل سان 25 سالن لاءِ (ٻي 25 سالن لاءِ توسيع جوڳو) ليز معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني. اسٽڊي جي بنياد تي سنڌ حڪومت پي جي ايس ايل سان ڳالهين ۽ مالي فائدي واري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي حقدار هوندي.