ڪيٽي بندر (رپورٽ:آدم جانيارو) سمنڊ کان بچاءُ بند کي 50 فوٽ گهارو پوڻ ڪري ڳوٺن ۾سمنڊ جو پاڻيءَ داخل ٿي ويو آهي، ڊيلٽا تائين مٺو پاڻي نه پهچڻ سمنڊ جو پاڻي حفاظتي بند ٽوڙي مٿي اچڻ سبب يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر جي ٽن ڳوٺن علي بخش جت، عثمان دبلو، ھاشم جت ۾ داخل ويو آهي، جنهن سبب گھرن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيھجي ويو آهي، ڄاڻايل ڳوٺن جا رهواسي سخت گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن، ٻن ڏينهن کان هلندڙ گهاري سبب کاڌ خوراڪ ۽ پئيڻ جو پاڻي به کٽي ويو،ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جا ڪيترا ئي ڳوٺ سمنڊ جي کاري پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ھوڏانھن ڪيٽي بندر جي يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر جي ڳوٺن  کي ڏنل بچاءُ بند کي مختلف هنڌن تان گهارا پئجي ويا آهن. متاثر ڳوٺاڻن بابو جت، عثمان دبلو،  غلام جت ء مراد جت پنھجي اخبار ڪيٽي بندر سان ڳالهائيندي چيو ته آھي ته گھاري کي ٻه ڏينهن  ٿي ويا آهن، پر يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر جي چيئرمين سميت ڪابه اانتظاميا ھنن وٽ نه آيا ۽ ئي ڪا مدد ڪئي وئي آهي، ھنن ضلعي ٺٽي جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري نوٽيس وٺي گھاري کي بند ڪرايو وڃي ۽ وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.