ڪيٽي بندر (ن پ ا) ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد سڄڻ واريءَ ۾ پيروزاڻي ۽ ملاح ڌرين ۾ جھيڙو، لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ملاح ڌر جا 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ٻگھاڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ جاڙو ملاح، اشرف، يارمحمد ملاح، جمن ملاح، نظير ۽ ڀٽو ملاح شامل آهن، فوري طبي امداد ڏئي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو ريفر ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. جهيڙي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي.