ڪيٽي بندر( ن پ ا) ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي ۾ تيز طوفاني ھوائن سمنڊ ۾ چاڙهه سبب يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر جي ٽن ڳوٺن سيد عبدالرحمان شاهه، سيد علي محمد شاهه ۽ سيد سيد حسن شاهه جي ڳوٺن کي ڏنل بچاءُ بند ڪمزور ھئڻ سبب گهارو پئجي ويو، جنھن ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو آهي، ياد رھي ته ڪجھه ڏينهن اڳ به  ھنن ڳوٺن جو بچاءُ بند کي پڻ گھارو پئجي ويو ھو، پر ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٽٽل گھاري کي بند ڪري ڪافي گھرن کي بچائي ورتو ھو، ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻن ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد گھارو کي بند ڪرائي ڏنو وڃي ۽ وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.