ڪيٽي بندر/ ملير (رپورٽ: آدم جانيارو +  ناز شر) ملير پوليس ڪيٽي بندر واسڻ جو خون لوڙهي ڇڏيو: گلشن حديد مقابلي جو ڪيس 5 نامعلوم هٿياربند ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪري پاڻ کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي ان ڏس  ۾ اسٽيل ٽائون پوليس گذريل ڏينهن گلشن حديد ويجهو ٿيل مقابلي جو  ڪيس 5 نامعلوم هٿياربند ڦورن خلاف داخل ڪري ورتو ،ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسٽيل ٽائون ٿاڻي جا اهلڪار عبدالقدير، معشوق علي، ڊرائيور مدد علي پوليس موبائل ۾ گشت ڪري رهيا هئا، ڏيڍ وڳي ڌاري گلشن حديد فيز 1 ۾ بينڪن جي پٽي آڏو دلشاد نالي هڪ شخص پهچي اطلاع ڏنو ته اڇي رنگ جي ڪرولا نمبر BRT 916 ۾ سوار 4 کان 5 ڦورن کانئس 15 ڏينهن اڳ ڦر ڪئي هئي، اهي هن وقت ميزان بئنڪ ويجهو واردات جي نيت سان موجود آهن، اهڙي اطلاع تي پوليس موبائل واقعي واري هنڌ پهتي ته ڪار سوار هٿياربندن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، بعد ۾ يوٽرن وٺي آئيڊيل مارٽ وٽ ملزمن رڪشا تي فئرنگ ڪئي، هٿياربند الخدمت اسپتال وٽان نيشنل هاءِ وي  طرف فائرنگ ڪندا شهباز پمپ  طرف مڙيا، جنهن تي  پوليس اختيارين سسئي ٽول پلازا تي ناڪابندي ڪرائي مدد لاءِ وڌيڪ نفري موڪلي، موٽر سائيڪل سوار اهلڪارن عابد علي ۽ عمير منير پهتا، ڪار سوار پوليس کي ڏسي نيشنل هاءِ وي کان سسئي ٽول پلازا طرف تيزي سان نڪتا، اسان کي  لنڪ روڊ ٽول پلازا  وٽ اڇي رنگ جي الٽو ڪار نمبر BYZ 169 بيٺل نظر آئي، جنهن تي  گولين جا 3 نشان هئا، معلومات ڪرڻ تي خبر پئي ته ملزمن جي فائرنگ ۾ ڪار ۾ موجود 2 عورتون سائره زال ابراهيم ۽ مسمات غنويٰ ڌيءَ محمد ابراهيم زخمي ٿيون آهن، گلشن حديد ۾ واقع نجي اسپتال ۾ هڪ عورت دم ڏنو ٻئي طرف فوتي عورت جي ڀاءُ محمد يعقوب سمون سرڪاري ايف آءِ آر کي رد ڪندي چيو  آهي ته سرڪار ي ايف آءِ آر ڪوڙي ۽ من گهڙت آهي، اصل جوابدارن کي بچائڻ لاءِ تڪڙ ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، هن چيو ته سرڪاري ايف آءِ آر ۾ ظاهر  ڪيل اهلڪار ئي اسان جا جوابدار آهن جن ڪار مٿان فائرنگ ڪري منهنجي ڀيڻ کي قتل ۽ ڀاڻجي کي زخمي ڪيو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته ذميوار پوليس اهلڪارن خلاف  ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي جي علائقي اسٽيل ٽائون ۾ پوليس ھٿان مارجي ويلن ڪيٽي بندر جي ڳوٺ ڪرمي سمون جي رھواسڻ مسمات سائره سمون جي جنازي نماز رات دير سان ڳوٺ ڪرمي سمون ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کيس سوين الين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ ضلعي ٺٽي جو اڳوڻو چيئرمين سيد شفقت شاهه شيرازي . صوبائي وزير سيد رياض شاهه شيرازي .پ پ ايم اين اي صادق علي ميمڻ .اڳوڻو ايم پي اي سيد امتياز شاهه شيرازي کان علاوه علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن .صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي . جڏهن ته ڳوٺ ڪرمي سمون ۾ مرحومه جو تڏو وڇايو ويو آهي. ھوڏانھن ڪراچي ھا۽ ڪورٽ جي سينئير وڪيل اشرف سمون به تڏي تي پهچي متاثر خاندان سان تعزيت ڪئي . پنھنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ڳوٺ ڪرمي سمون جي نيڪ مرد ۽ مقتولا سائره سمون جي ڀاء يعقوب سمون ٻڌايو ته اسان اڄ شام دير سان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي وڃي  فائرنگ ڪندڙ پوليس جي خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين . جيڪڏهن پوليس اسان فريادي ڌر کان اسان جو ڪيس نه ورتو ته پوءِ اسٽيل ٽائون پوليس جي خلاف ھا۽ ڪورٽ ۾ وينداسين . ٻئي پاسي ڪيٽي بندر جي ڳوٺ ڪرمي سمون جي  اسٽيل ٽائون پوليس جي فائرنگ ۾ مقتولا پيرسن عورت سائره سمون جي متاثر خاندان سان تعزيت ڪرڻ لاء ملير جي ايس پي سعيد احمد رند تڏي پھچي ويو . انھيءَ موقعي تي ايس پي ملير سعيد احمد رند چيو ته پوليس جو ڪم آھي عوام جي جان مال جي خدمت ڪرڻ .ھن چيو ته آئون انساني ھمدردي لاءِ فوتي عورت جي متاثر خاندان وٽ پھتو آھيان .ھن چيو جيڪي ڪرولا ڪار ۾ ڏوھاري ھئا جن پوليس تي فائرنگ بہ ڪئي ء اسٽيل ٽائون پوليس به ھنن تي فائرنگ ڪئي هئي .ھن متاثر خاندان سمان برادري سان ڳالهائيندي چيوته  توهان جيڪا به جھڙي به ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاھيو ٿا . پوليس توهان سان مڪمل تعاون ڪندي .ھن چيو ته ڪيس متاثر خاندان جي مرضيءَ سان داخل ٿيندو .پر اھو ضرور ڏسبو ته فوتي عورت ۽ زخمي عورت کي ڪئين ء ڪٿان فائرنگ ڪئي وئي ھئي . انھيءَ موقعي فوتي عورت سائره سمون جي ڀاء يعقوب سمون چيو ته اسان وٽ پڪا ثبوت ء  شاھد موجود آھن جن ٻڌايو ته اسٽيل ٽائون پوليس اسان جي ڪار کي  بغير وارننگ جي سڌا فائر ڪري اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي . جنھن ۾ اسٽيل ٽائون جي ايس ايڇ او سميت ان جي پوليس ملوث آھن، جنھن کان پوءِ متاثر خاندان ملير جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ روانا ٿي ويا .