ڪيٽي بندر (ن پ ا) تعلقي ڪيٽي بندر جي ڳوٺ سيد حسن شاهه، ڳوٺ سيد عبدالرحمان شاهه، ڳوٺ علي محمد شاھه کي سمنڊ جي کاري پاڻي کان بچائڻ لاءِ ڏنل بچاءُ بند کي گھارو پئجي ويو آهي، جنھن سبب سمنڊ جو کارو پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جنھن کانپوءِ متاثر ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن، ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻن سيد لطيف شاهه، علي اصغر شاهه ۽ سيد جمن شاهه پنهنجي اخبارکي ٻڌايو ته اسان ڊپٽي ڪمشنر، آبپاشي عملي توڙي ضلعي ۽ ٽائون اختيارين کي گهاري بابت آگاهي ڏني آهي، ان باوجود ڪير به گهارو بند ڪرن لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن بچاءُ بند کي لڳل گهارو رات جي پيٽ ۾ فوري طور تي بند نه ڪرايو ويو ته اسان جا ڳوٺ سمنڊ جي پاڻي سبب ميسارجي ويندا،