ڪيٽي بندر(ن پ ا) ڪيٽي بندر ٿاڻي جي حد مور ڇڏائي ڳوٺ  ۾ جت برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو،  ڪھاڙيون  لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ست  ماڻھون شديد زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ محمد يوسف پٽ سليمان جت، رستم پٽ گل محمد جت، اياز پٽ گل حسن جت ، علي مراد پٽ گل حسن جت، لقمان پٽ لونگ جت عثمان پٽ لونگ جت  شامل آهن، جڏھن ته زخمين مان لقمان پٽ لونگ جت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪيٽي بندر ٻڌايو ته جھيڙي جو ڪارڻ زمين جو آھي ، ٻنھي ڌرين جا ماڻهو زخمي ٿي پيا آھن، جڏهن ته ٻنھي ڌرين جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي .