ڪيٽي بندر (ن پ ا) تعلقي ڪيٽي بندر جي ٻن يوسيز تان پ پ مخالف اميدوار رٽائر ٿي ويا، يوسي ڪيٽي بندر ۽ ٻگھاڻ تان آزاد اميدوارن پ پ اميدوارن کي حق دستبردار ٿي ويا، يوسي ڪيٽي بندر جي چيئرمين جي سيٽ تي بيٺل آزاد اميدوار حاجي شولاڻي پ پ جي عبدالواحد ميمڻ جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، جڏهن ته عمر جت  وائيس چيئرمين تان  پ پ جي اميدوار ھٿ کڻي ويو، يوسي ڪيٽي بندر جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي  پ پ مخالف اميدوار پير ذوھيب شاهه پ پ جي اميدوار عزيز جت جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو ، ھوڏانھن رات دير سان پ پ ايم پي اي سيد رياض شاهه شيرازي ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاهه شيرازي ٻگھاڻ پھچي پ پ جي سامهون بيٺل آزاد اميدوارن چيئرمين طور بيٺل احمد خاصخيلي کي پ پ پاران چيئرمين جي سيٽ تي بيٺل زاڪر ڪڙمون جي حمايت ۾ ھٿ کڻي ويو آهي ، جڏهن ته پ پ جي وائيس چيئرمين علي حسن ڀڙج جي سامهون بيٺل  اميدوار رستم جوکيو پڻ  پ پ ضلعي ٺٽي جي سينئر نائب صدر حميد پنھور سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿي ويو آهي. پ پ جي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي بيٺل محب پيرواني جي سامھون بيٺل   پ پ شھيد گروپ جي اميدوار صمد سمون پڻ ھٿ کڻي ويو.