حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي ۽ ناهيد خان حيدرآباد ۾ قاسم آباد پرنس ٽائون ۾ سندس رھائشگاھ تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ، سنڌ ۽ موجوده عالمي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي سخت مزاحمت ڪنداسين، ڪرپٽ حڪمران دولت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. پيپلزپارٽي ۽ وفاق سنڌ جي غربت ۽ تباهي کان لاتعلق آهن. سنڌ جا ادارا تباھ آھن، ڳوٺ فقير ۽ شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن. هن چيو ته سمورن ڪرپٽ آفيسرن، وزيرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. ادارا ۽ عدليا سنڌ جي ڪرپشن ۽ تباهي کان لاتعلق آهن، ڊجيٽل مردمشماري رد ڪريون ٿا جنهن ۾ سنڌ سان جعلسازي ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان چيو ته اسين قومي عوامي تحريڪ کي 8 آڪٽوبر تي ڪامياب جلسه عام تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي. 2018ع جي اليڪشن ۾ سنڌ ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي. اسين ملڪ ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا. هنن چيو ته نگران حڪومت جي نالي تي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جاري آهي. سنڌ ۾ پاڻي، ميونسپل ۽ ڊرينيج جا سمورا ادارا ناڪام ٿي ويا آهن. هنن چيو ته سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن خلاف گڏجي وڙهندا. عدالتن کي گهرجي ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ لٽ مار جو حساب وٺن. جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي.