دبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي جي آخري رائونڊ ميچ ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 44 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 249 رنسون ٺاهيون. شرياس ائير 79، هارديڪ پانڊيا 45، اڪشر پٽيل 42 رنسن سان اڳڀرا رهيا، نيوزيلينڊ جي ميٽ هينري 5 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڪيوي ٽيم 45.3 اوورن ۾ 205 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڪين وليمسن 81 رنسن جي اننگز کيڏي، ٻين مان ڪو وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو، سينٽنر 28، ول ينگ 22، مچل 17، ليٿم 14، فلپس 12 رنسون ٺاهيون. ڀارت جي ورون چڪرورتي 5، ڪلديپ 2، اڪشر، پانڊيا ۽ جديجا هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.پنج وڪيٽون وٺڻ تي ڀارت جي بالر ورون چڪرورتي کي مين آف دي ميچ قرار  ڏنو ويو. ٻئي پاسي چيمپيئنز ٽرافي جو سيمي فائنل مرحلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو. پهريون سيمي فائنل اڱارو 4 مارچ تي ٿيندو، جنهن ۾ ڀارت ۽ آسٽريليا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل پرينهه 5 مارچ تي کيڏيو ويندو. هن سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون.