ڪيوبا جيئن مون ڏٺو

0
162
ڪيوبا جيئن مون ڏٺو

ڪيوبا جنهن کي پاڻ وٽ سنڌ ۾ ماڻهو عام طور  تي  چي گويرا ۽ فيڊل ڪاسترو جهڙن گوريلا انقلابين جي حوالي سان سڃاڻين ٿا. هينئر تازو ڊسمبر 2021ع  ۾ منهنجو ڪينيڊا مان وڃي ان ملڪ گهمڻ جو اتفاق ٿيو. آئون اتي تقريبن 9 ڏينهن رهيس جنهن ۾ مونکي ڪيوبا جي گادي وارو هنڌ هوانا، متنزا، ۽ ويراديرو شهر گهمڻ جو موقعو مليو. ان بابت هونئن ته کوڙ ساريون ڳالهيون آهن، ڪيوبا جي تاريخ يا ان جي انقلاب تي لکندس ته مضمون گهڻو ڊگهو ٿي ويندو ۽ اهي ڳالهيون انٽرنيٽ تي به پڙهي سگهجن ٿيون، ان ڪري هتي آئون ڪوشش ڪري صرف اهي ڪجهه ڳالهيون  لکان ٿو جيڪي ڪيوبا گهمڻ دوران منهجي ذاتي مشاهدي يا ڄاڻ ۾ آيون يا جيئن مون ڏٺو.

ڪيوبا هڪ جزيرو آهي جيڪو اتر آمريڪا جي کنڊ جي بلڪل ڏاکڻئي پاسي آمريڪا جي رياست فلوريڊا کان سمنڊ ذريعي صرف 90 ميلن يعني تقريبن 145 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي گلف آف ميڪسيڪو ۾ واقع آهي.  هوانا هن ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي، آدمشماري تقريبن هڪ ڪروڙ تيرنهن لک، ڪرنسي جو نالو ڪيوبن پيسو آهي جيڪو هڪ آمريڪي ڊالر ۾ 25 پيسو ملي ٿو، ۽ هڪ ڪيوبن پئسو پاڪستاني 7 رپين جي برابر آهي. هي ملڪ پهرين اسپين جي ڪالوني هو ان ڪري هتي جي زبان به اسپينش آهي. هتي 64 سيڪڙو اڇي رنگ جا ماڻهو پر سندن وار گهڻو ڪري ڪارا آهن. 27 سيڪڙو مڪس رنگ، 9 سيڪڙو آفريڪي ماڻهو رهن ٿا. 1959ع ۾ هتي فيڊل ڪاسترو، سندس ڀاءَ راهول ڪاسترو، چي گويرا، ڪاميلو سينفيگوس ۽ سندن گوريلا ساٿين آمريڪا جي پٺڀرائي واري هتي جي ڊڪٽيٽر حڪمران فلجينزيو بتيتزا خلاف انقلاب آڻي هڪ باقاعدا ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. سياسي طور ڪيوبا روس واري بلاڪ ۾ آهي ان جا دوست ملڪ روس، وينزويلا، چين، ويٽنام، فلسطين، ڪرنل قذافي جي دور ۾ لبيا ۽ ايران وغيره آهن.

يورپ ۾ وري اسپين سان به سٺا ناتا آهن جو هي ملڪ پهرين اسپين جي ڪالوني رهيو آهي. هنن جو قومي هيرو هوزي مارتي آهي جيڪو هڪ شاعر، ليکڪ، پروفيسر، ڪتاب ترجما ڪندڙ ۽ ڪتاب ڇاپيندڙ، انقلابي فلاسافر هجڻ جي باوجود به پنهجي قوم لاءِ اسپين کان آزادي واري ويڙهه ۾ ميدان ۾ لهي جنگ وڙهيو ۽ کيس 42 سالن جي عمر ۾ 1895ع ۾ ماريو ويو. شهر جي چونڪن تي وڏين مُڇين ۽ ڪمزور جسم واري هوزي مارتي جا مجسما لڳل آهن. فيڊل ڪاسترو ۽ چي گويرا وارا به هن هوزي مارتي جي سياسي فلاسافي کان متاثر هئا. هوزي مارتي ۽ فيڊل ڪاسترو  جي باقيات جون يادگار پڻ ڪيوبا جي اڀرندي پاسي واري شهر سينتياگو ۾ آهن. ڪيوبا جي قومي راند بيس بال آهي. ياد رهڻ گهرجي ته ڪيوبا تي جڏهن کان فيڊل ڪاسترو جي ڪميونسٽ انقلابي حڪومت آئي آهي تڏهن کان آمريڪا ۽ مغربي دنيا جون سخت معاشي پابنديون آهن جنهن  ڪري هن ملڪ کي کوڙ سارا معاشي ۽ ڪاروباري چئلينجز آهن ۽ هي ملڪ پنهجي مدد پاڻ يا وري روس جهڙن ڪجهه دوست ملڪن جي سهڪار سان هلي ٿو. ڪيوبا ۾ دنيا جون ٻيون اهم ڪرنسيز ته هلن ٿيون سواءِ آمريڪي ڊالر جي، انهي کي ڪير ڪونه وٺي نه ئي آمريڪي بئنڪن طرفان جاري ٿيل ڪريڊٽ ڪارڊ هتي هلن!

مونکي ڪيوبا ۾ ڪو هڪڙو به پينو فقير نظر نه آيو. ڪو هڪڙو به چائلڊ ليبر (ڪم ڪندڙ ننڍا ٻار) نظر نه آيو. ڏينهن جي وقت ڪو هڪڙو به ٻار  گهٽين ۾ رلندي نظر نه آيو، ٻار سڀ اسڪولن ۾! هن وقت ڪيوبا جو لٽريسي ريٽ 99.75 سيڪڙو آهي! ڪو هڪڙو به پرائيويٽ اسڪول يا پرائيويٽ اسپتال نظر نه آئي، سڀني لاءِ هڪ جهڙيون سرڪاري سهولتون سي به مفت ۾. يونيورسٽي تائين تعليم مفت! اسڪولن، ڪاليجن، ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙو عاليشان ماحول ۽ نظم ضبط جو يونيورسٽي جي شاگردن جو به يونيفارم آهي! اسڪولي ٻار سڀ سرڪار پاران ڏنل صاف سٿرا ڪپڙا،  مٿي کي ڦڻي آيل، جوراب، ۽ پيرن ۾ پالش ٿيل جوتا پاتل هئا. روڊ رستا بهترين، صاف سٿرا، ۽ هر قسم جي ٽريفڪ نشانين سان مڪمل هئا! قانون جو ڊپ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ قانون جي حڪمراني نظر آئي! جتي رش هجي اتي ماڻهو لائينن ۾ بيهن يا اتي ڀتين جي پاسي ۾ ويهي پنهنجي واري اچڻ جو انتظار ڪن پوءِ ڀلي ڪيترا ڪلاڪ ڇو نه بيهڻو پئي پر مجال آهي ته ڪو سفارشي ٻين کان پهرين اندر وڃي يا ڪو لائين ٽوڙي.

ڪميونزم جي نظرئي تحت سرڪاري ملازمن جون پگهارون ٿوري فرق سان تقريبن برابر آهن. مثال جيڪڏهن صفائي ڪرڻ واري جي پگهار 2100 ڪيوبن پيسو ته  هڪ ڊاڪٽر جي پگهار 6000 ڪيوبن پيسو آهي. جيئن ته ڪيوبا تي آمريڪا ۽ باقي مغربي دنيا جون معاشي پابنديون لڳل آهن ان ڪري اتي کاڌي پيتي ۽ ٻين مڙني شين جي وڏي کوٽ آهي، ان لاءِ ماڻهن کي راشن ڪارڊ مليل آهن جنهن ذريعي هو سرڪاري دڪانن تان سستيون ۽ محدود تعداد ۾ شيون ئي وٺي سگهن ٿا ان لاءِ کين هر وقت وڏين قطارن ۾ بيهڻو ٿو پئي. روز مره جي ان ايڏين وڏين ڏکائين کي منهن ڏيڻ جي باوجود به هي ماڻهو مجموعي طور زندگي مان مطمئن نظر آيا! هتي جا ماڻهو زندگي جي ڪشمڪش ۾ حد کان وڌي سڄو ڏينهن ان ڪوشش ۾ ناهن ته هي ب منهنجو هُو به منهنجو يا سرمائيداراڻي سوچ رکي ڪا گهڻي ملڪيت ٺاهيون پوءِ حلال هجي يا حرام. اها سوچ ڪانهي ته هُن جو به مال ڦٻايان ته هِن جو به ڦٻايان، بس پنهنجي ٿوري ۾ سڄو ڏينهن خوش رهڻ وارا ماڻهو آهن. هتي جا ماڻهو پاڻ سنڌين وانگر ڏاڍا ملنسار ۽ مرد توڻي عورتون هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملندا آهن ۽ ڪچهرين جا به ڪوڏيا.

حوالن ۾ شروع ٿيا ته وڃي ٿيا خير ٻئي جو ڀلي سر وڃي هليو! هتي جا ماڻهو موسيقي کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ نچڻ ڪُڏڻ جا به وڏا شوقين آهن بس ايئن سمجهو ته هلندي گهمندي پيا ڳائن ۽ نچن. ان مان ظاهر آهي ته سرمائيدارڻن سماجن ۾ ماڻهن وٽ شيون ۽ ٻيو سامان ته عام جام ٿئي ٿو پر اندر جي خوشي ڪانه هوندي آهي جهڙي مون غربت ۾ به هنن ماڻهن جي اندر ۾ ڏٺي.  اوهان کي آمريڪا، ڪينيڊا، ۽ يورپ جي ملڪن ۾  روڊن تي ڪافي سارا بي گهر ۽ نشائي ماڻهو ملندا پر ڪيوبا ۾ مون اهڙو هڪ به ماڻهو ڪونه ڏٺو جيڪا وڏي ڳالهه آهي!

دنيا جي پابندين جي ڪري هتي ڪي ملٽي نيشنل ڪمپنيون نه آهن. هتي ڪوڪاڪولا، پيپسي، ميڪڊونلڊ، پيزا هٽ يا برگر ڪنگ جهڙيون عالمي چين واريون شيون يا ريسٽورنٽ ڪونه آهن، ان جي مقابلي ۾ ڪيوبا وارن پنهجون شيون پاڻ ٺاهيون آهن. مثال ڪوڪا ڪولا جي مقابلي ۾ انهن جي پنهجي بوتل آهي جنهن جو نالو آهي ٽوڪولا. هتي جي خاص مشروب جو نالو موهيتو آهي جيڪا ذائقي ۾ ليمون پاڻي ۽ سوڊا جيان ٿئي. هتي  ڍڳين کي مڌر ڪائو يعني هڪ ماءُ واري حيثيت حاصل آهي جيڪي صرف ٻارن لاءِ کير ڏيڻ لاءِ هونديون آهن.

ڍڳِي کي گوشت لاءِ ذبح ڪرڻ وڏو قانوني ڏوهه آهي جنهن جي سزا 25 سال جيل به ٿي سگهي ٿي. ڪيوبا ۾ بجلي تمام سستي آهي هر عام غريب جي گهر ۾ به ايئرڪنڊيشن لڳل ڏٺا. هتي عام گهر جي بجلي جو بل تقريبن 100 ڪيوبن پئسو يا ايئن چئون ته 742 پاڪستاني رپيا مهينو. هوانا شهر ۾ ته گئس آهي باقي شهرن ۾ گئس جا سئلينڊر استعمال ڪن. هتي هڪ 10 ڪلو وارو گئس جو سلينڊر 180 ڪيوبن پئسو ۾ ملي ٿو جيڪو پاڪستاني پئسن ۾ 1336 رپيا ٿين ٿا. ڪيوبا کي تيل صفا سستو يا ڪجهه ٻين شين جي عيوض ڀر واري ٻئي ڪميونسٽ ملڪ وينزويلا مان ملي. چوڻ جو مطلب ته هتي سرڪاري اسٽورن تي سستائي هجڻ ڪري ماڻهن جو گذارو سٺو پيو ٿئي. هتي غريبن لاءِ غريباڻا پر پڪا گهر آهن مون ڪو به ماڻهو ڪنهن ڪکائين جهوپڙي ۾ رهندي ڪونه ڏٺو جيڪا هڪ تمام وڏي ڳالهه آهي!

ڪيوبا جا ماڻهو وڏي شوق سان ميڊيڪل ڊاڪٽر، نرسنگ،  ۽ صحت جي ٻين شعبن ۾ وڏي چاهت سان ۽ جام وڃن ٿا. پر هتي پابندين جي ڪري دوائن، اسپتالن ۾ استعمال ٿيندڙ ليبارٽرين ۽ ٻين اوزارن جي وڏي کوٽ آهي. ان ڪري هتي جا ڊاڪٽر بجاءِ گهڻين ٽيسٽن تي ڀاڙڻ جي مريض جي نبض ڏسي سڃاڻي ٿا وڃن ته ڪهڙو مرض آهي ايڏا هوشيار آهن. توهان کي حيرانگي ٿيندي ته ڪيوبا وارن ڪورونا ويڪسين به دنيا کان وٺڻ بجاءِ پنهجي مدد پاڻ تحت ٺاهي آهي جيڪا پنهجي عوام کي لڳائي آهي. دنيا ۾ جتي به ڪا ضرورت پئي ٿي ته ڪيوبا وارا اتي پنهجا ڊاڪٽر ۽ ٻيو ميڊيڪل اسٽاف موڪلي انساني همدردي تحت سندن مدد ڪن ٿا. جڏهن سال 2005ع ۾ پاڪستان جي بالاڪوٽ ۽ ڪشمير واري علائقي ۾ زلزلو آيو هو  ته ان وقت ڪيوبا حڪومت بغير ڪنهن درخواست جي پنهنجا 2500 ڊاڪٽر ۽ ٻيو ميڊيڪل اسٽاف پاڪستان جي زلزلي متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ موڪليو هو جيڪي اتي ڪافي مهينا رهيا هئا. ان کان پوءِ 2006ع ۾ ڪيوبا جي حڪومت پاڪستاني شاگردن لاءِ 1000 ميڊيڪل ڊاڪٽرن جون اسڪالرشپس ڏنيون جيڪي شاگرد هتان پڙهائي پوري ڪري ڊاڪٽر ٿي واپس پاڪستان موٽي  چڪا آهن. جنهن کان پوءِ ئي هتي هوانا ۾ پاڪستان جي ايمبيسي کلي ۽ ٻن ملڪن جي وچ ۾ ناتو وڌيو.

تازو اٽلي ۾ جڏهن ڪورونا وائرس جي ڪري تمام گهڻا ماڻهو خاص طور تي پوڙها ماڻهو ويچارا مري رهيا هئا تڏهن به ڪيوبا پنهجا ڊاڪٽر اٽلي موڪليا هئا ڪنهن کي دنيا ساراهيو هو. ڪيوبا جو ٻاهريون ناڻو ڪمائڻ جو اهم ذريعو ڪمند جام پوکي ان مان کنڊ ٺاهي ٻاهر موڪلڻ آهي. هتي زرعي زمينون حڪومت جون آهن ۽ اتي ڪم ڪندڙ هاري ايئن سمجهو ته سرڪاري نوڪر آهن. ناڻي ڪمائڻ جو ٻيو ذريعو تمام وڏي تعداد ۾ هتي ٻاهرين ٽوئرسٽن جو اچڻ جنهن ۾ خاص طور ڪينيڊا، روس، ۽ يورپ جي ماڻهن جو هتي هوانا يا سانٽا ڪلارا جي تاريخي ماڳن کي ڏسڻ،  هتي جي خوبصورت  پراڻي آرڪيٽيڪچر وارين رنگ برنگي عمارتون ڏسڻ،  1950ع جي ڏهاڪي وارن پراڻين گاڏين ۾ چڙهي سير سپاٽا ڪرڻ هوندو آهي. يا وري ويراديرو، ۽ ڪايو سانتا ماريا جهڙن عاليشان اڇي واري وارن خوبصورت جزيرن تي ٺهيل ريزورٽس تي اچي پنهجون موڪلون ملهائڻ هوندو آهي. ڪيوبا ۾ هر سال تقريبن 50 لک ٻاهريان سياح اچن ٿا!(حصو پهريون)