ڪين ڪمشنر جي ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ مهلت واري استدعا رد

0
122

ڪراچي: ڪين ڪمشنر جي ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ مهلت واري استدعا رد  ڪئي وئي آھي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جي في مڻ جي قيمت مقرر ڪرڻ ۽ شگرملز هلائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي جاري آھي

ڪين ڪمشنر جو ٻڌڻي دوران چوڻ ھو تھ بورڊ جي ميٽنگ جلد ٿيندي جنهن ۾ قيمت مقرر ڪئي ويندي

چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ ھو تھ اوهان رڳو ميٽنگ ئي ڪندا آهيو يا ٻيو ڪو ڪم به ڪندا آهيو؟

چيف جسٽس موجب هڪ هفتي اندر ڪريشنگ شروع ڪرايو نه ته توهين عدالت جي ڪارروائي  ڪنداسين

ڪين ڪمشنر پاران مھلت گھري وئي تھ 30نومبر تائين قيمت مقرر ڪرڻ  جو وقت ڏنو وڃي

عدالت جو چوڻ ھو تھ ڪا به مهلت نه ملندي، اوهان جي  سربراهن کي گهرائينداسين هتي، اڄ ئي فيصلو جاري ڪنداسين، جنهن کي حڪم ڏيڻو هوندو ڏينداسين