نئين دهلي ( م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ خالصتان ريرنڊم روڪرائڻ جي درخواست کي ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته سندس خالصتان تحريڪ ۽ پرڏيهي مداخلت جهڙن مسئلن تي ڀارتي هم منصب نريندرمودي سان ڪيترائي ڀيرا ڳالهه ٻول ٿي. وزيراعظم جسٽن ٽروڊو وڌيڪ چيو ته ڪينيڊا ۾ هميشه شهرين جي اظهار جي آزادي ۽ پر امن احتجاج جي حق کي مٿانهون رکيو ويندو آهي ۽ اسان جي حڪومت تشدد ۽ نفرت بدران ضمير جي آواز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته قانون جو احترام ۽ پاسداري پهرين ذميواري آهي ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪجهه ماڻهو پوري قوم جي نمائندگي نٿا ڪن.