اوٽاوا/واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ٽيرف تي ڪينيڊا طرفان منفرد جوابي قدمن ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو، ڪينيڊا آمريڪي رياست الاسڪا طرف ويندڙ هر ٽرڪ تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائي ڇڏيو. آمريڪي صدر ٽرمپ آمريڪا جي مقابلي جي معيشت واري ملڪ چين کان وٺي پنهنجي پاڙيسري ملڪن ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو تائين ۽ پوءِ پنهنجي نيٽو اتحادي يورپي ملڪن سميت ايشيائي ملڪن هندستان، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن خلاف ٽيرف ڳائي جيڪا عالمي واپاري جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي ان جا عملي نتيجا، ڪاميابي يا ناڪامي جو فيصلو مستقبل ۾ ٿيندو، في الحال دنياجي معيشت ۾ هلچل، غيريقيني صورتحال، کربين ڊالرن جا نقصان فوري طور تي سامهون آيا آهن. هڪ آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي ڪل آبادي جي برابر 40 ملين آبادي رکندڙ آمريڪا جي اتحادي ۽ پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا جذباتي احتجاج بدران خاموشي ۽ سوچي سمجهيل حڪمت عملي سان ٽرمپ جي لڳايل ٽيرف جي جواب ۾ جيڪي قدم کنيا آهن انهن تي خود ٽرمپ کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي.