نيروبي (انٽريسٽنگ نيوز) ڪينيا جي هڪ شخص کي تازو ئي ان ڳالهه تي گرفتار ڪيو ويو آهي ته هن هڪ وڪيل جي نقل ڪندي 26 مختلف ڪيسن ۾ موئڪلن جي نمائندگي ڪئي، ميڊيا رپورٽس موجب برائن ميوندا نالي هڪ شخص وڪيل جو روپ وٺي 26 ڪيس وڙهيا ۽ حيرت انگيز طور تي اهي سڀ ڪيس کٽي ويو، ان کان به وڌيڪ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شهري ڪڏهن به ڪا وڪالت جي باقاعده تربيت حاصل ناهي ڪئي، نوجوان شهري 26 مختلف ڪيسن ۾ ڪورٽ آف اپيل ججز ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي سامهون موئڪلن جي نمائندگي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اهو پاڻ کي هڪ قابل وڪيل طور تي پيش ڪندو هيو ۽ اهو به اهڙيءَ ريت جو ججن مان ڪنهن کي به ان تي شڪ نه ٿيو، ڪينيا جي لا سوسائٽي (ايل ايس ڪي) برائن ميونڊا نالي اصل وڪيل طرفان شڪايتون ملڻ بعد ڪارروائي ڪندي نوجوان جعلي وڪيل کي پڪڙي ورتو.