ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا جو آءِ فون چوري ڪندڙ جي خبر پئجي وئي پر فون ڪدنڙ فون جي واپسي لاءِ اهم شرط رکي ڇڏيو آهي. اروشي جو فون 14 تاريخ تي پاڪ ڀارت ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ ٿي ويو هو. 15 آڪٽوبر تي هن رپورٽ به داخل ڪرائي هئي. اروشي سوشل ميڊيا تي مداحن کي درخواست ڪئي هئي ته موبائل واپس ڏيو، هاڻي چئن ڏينهن کان پوءِ اروشي کي ايم ميل آئي آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته اوهان جو آءِ فون مون وٽ آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجو فون واپس وٺڻ چاهيو ٿيون ته اوهان کي منهنجي ڀاءُ کي ڪينسر کان بچائڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اروشي روٽيلا انسٽاگرام اسٽوري ۾ اي ميل جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو هو.