ٺٽو ( رپورٽر ) ڪينجهر ڍنڍ ۾ لاڳيتي پاڻي جي چاڙھ سبب جهمپير ويجھو ڍنڍ ڪناري ڳوٺ حاجي علي بخش منڇري جا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ڳوٺاڻن جو شهري علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو. ان ڏس ۾ جھمپير ويجھو کڏايون ڀرسان ڪينجهر ڍنڍ جي چڙهندڙ پاڻي جي گھيري هيٺ آيل ڳوٺ علي بخش منڇري جي متاثر ڳوٺاڻن لعل محمد ملاح، حبيب الله ملاح، غلام محمد ملاح،  صاحبڏنو ملاح، محمد سليم ملاح، اڪبر ملاح ، سرور ملاح ، مرزا ملاح ، عابدين ملاح، عزيز الله ملاح ، نظام ملاح، جمن ملاح ۽ ٻين چيو آھي ته سندن ساڍا 3 سئو گھرن تي مشتمل قديمي ڳوٺ آھي، جيڪو ھن وقت ڪينجھر ڍنڍ ۾ وڌيڪ پاڻي اچڻ ڪري ڳوٺ سميت سندن رستو به مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، جنھن ڪري ھو گھرن کان شھر تائين به پھچي نٿا سگھن نه ئي پاڻي گھڻو ھجڻ ڪري ڪا گاڏي ڳوٺ تائين پھچي سگھي ٿي، جنھن ڪري بيمار ماڻھو اسپتال تائين به پھچي نٿا سگھن، ھنن چيو ته ٻاھر رھڻ لاءِ وٽن متبادل جڳهه به ناھي جنھن ۾ عارضي رھائش اختيار ڪري سگھجي، ھنن گھر ڪئي ته سندن ڳوٺ کي حفاظتي بچاءَ بند ڏياري ڳوٺ کي محفوظ بڻائي پاڻي ھيٺ آيل روڊ تان پاڻي نيڪال ڪرائي سندن شهرن سان رابطو بحال ڪيو وڃي.