ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) ڪينجھر ڍنڍ ۾ پاڻي جي چاڙهه اچڻ سان ڳوٺن پاڻي هيٺ اچڻ سان گڏ ڪينجهر جا سمورا تفريحي هنڌ ۽ ريسڪيو سينٽر توڙي ڪاروباري مرڪز ۽ مسجدون پڻ پاڻي هيٺ اچي ويون. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته ايشيا جي اونهي ڪينجهر ڍنڍ ۾ لاڳيتي پاڻي جي چاڙهه اچڻ سان هڪ پاسي ڪينجھر ڪناري ڳوٺ عبدالله گندرو ۽ لال بخش منڇري ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ ڳوٺن پاڻي هيٺ اچڻ سبب ڳوٺاڻن پاران مٿانهين وارن هنڌن تي پناهون ورتيون ويون آهن ته ٻئي پاسي ڪينجهر ۾ مسلسل پاڻي ۾ واڌ سبب ڪينجهر جون سموريون تفريحي پوائنٽون ۽ جيٽيز جي پاڻي هيٺ اچڻ سان گڏ ڪينجهر تي موجود سمورا ڪاروباري مرڪز هوٽلون، پان مانڊڻيون، دڪان، ريڙها، مسجدون ۽ ريسيڪو سينٽر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪينجهر ۾ لاڳيتي پاڻي اچڻ سبب ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن کان ايندڙ سياحن جو انگ پڻ گھٽجي ويو آهي ۽ ڪينجهر ۾ پاڻي جي گھڻي هجڻ ڪري پڻ سياحن طرفان بوٽس ۾ سير و تفريح ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ وهنجڻ کان پڻ پاسو ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب هن وقت ڪينجهر جي سطح 54.55 آر ايل آهي ٽوٽل گنجائش 57 آر ايل آهي جڏهن ته 56 آر ايل تائين پاڻي گڏ ڪيو ويندو.

هن وقت به ڪينجهر ۾ پاڻي جي سطح 54 تائين پهتي آهي: آبپاشي کاتي جا ذريعا

ٺٽو: آبپاشي کاتي جي ذريعن وٽان پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 57 آر ايل آهي پر هن وقت 54 ڏهائي 55 آر ايل تائين ڪينجهر ۾ پاڻي جي سطح آهي ذريعن موجب ڪينجهر ۾ پاڻي جي گنجائش بندن جي سطح وڌائڻ ڪري 57 آر ايل تائين آهي پر ڪينجهر ۾ پاڻي جي آخري سطح 55 ڏهائي 56 آر ايل تائين پاڻي گڏ ڪري سگھجي ٿو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته هن وقت به ڪينجهر ۾ پاڻي جي سطح 54 تائين پهتي آهي ته ڪينجهر جي ڪناري جا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهنڪري ڪينجهر جي پاڻي ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ بدران پاڻي جي سطح کي گھٽ ۾ گھٽ ۾ 54 ڏهائي 56 آر ايل تائين رکيو ويندو.

ڪينجهر ۾ پاڻي چاڙهه سبب ڪينجهر جي تفريح کان محروم ٿي ويا آهيون: سياح

ٺٽو: ڪينجهر جي تفريح تي آيل ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن جي سياحن جمشيد احمد، پرويز احمد، رفيق، جنيد ۽ ٻين پڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينجهر ۾ پاڻي چاڙهه سبب ڪينجهر جي تفريح کان محروم ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته ڪينجهر ۾ اڳ پاڻي گھٽ هيو ته اسان نه رڳو ڪينجهر ۾ وهنجي مزو وٺندا هئاسين ۽ بوٽس ۾ سوار ٿي نوري جي مزار سان گڏ ڪينجهر ۾ خوب سير تفريح ڪري لطف اندوز ٿيندا هئاسين پر هن وقت گھڻي پاڻي هجڻ ڪري ڪينجهر جي تفريح کان محروم ٿي ويا آهيون.

ڪينجهر ۾ پاڻي ۾ واڌ سبب سمورو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو: مقامي واپاري

ٺٽو: ڪينجهر تي ٽائر ٽيوب، بوٽس هلائڻ وارن ۽ مختلف قسم جي ڪاروبار ڪندڙ متاثرن واپارين شڪيل گندرو، جمن ميربحر، سانوڻ، محمد صديق ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينجهر ۾ پاڻي جي سطح ۾ وڏي پئماني تي واڌ سبب اسان جا سمورا ڪاروبار جا ذريعا هوٽلون، دڪان، پان مانڊڻيون، ٽائر ٽيوب جا هنڌ توڙي لڳل ٽينٽ وغيره مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ روزگار جي سمورن ذريعن جي پاڻي هيٺ اچڻ ڪري هو بيروزگار ٿي ويا آهن هنن چيو ته ڪينجهر ۾ پاڻي جي سطح 4 کان 5 مهينن تائين رهندي ۽ ان وقت تائين هتان جو سمورو ڪاروبار بند رهندو.