ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) سنڌ جي مشهور ڍنڍ ڪينجھر انتظاميي بي ڌياني سبب ڪينجھر ۾نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جي صنعتن مان خارج ٿيندڙ ڪيميائي مادي توڙي زهريلي پاڻي جو ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب آبي جيوت، جهنگلي جيوت ۽ انساني زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن، ڪراچي، ٺٽو، جهمپير، جهرڪ، مڪلي ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪينجهر جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪندڙ لکين انسانن جون زندگيون خطري ۾ اچي ويون آهن، جڏهن ته زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب ناياب پکين، مڇين جي نسلن ۽ ٻي آبي جيوت سميت جون زندگيون به داءُ تي لڳل آهن، جنهن تي انتظاميه ڪو ڌيان نه ڌريو آهي، آسٽريلين بي پاڙي ول جي به تيزي سان وڌڻ ڪري ايشياءَ جي اونهي ڪينجھر ڍنڍ ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ “پنهنجي اخبار” جي ڪيل سروي دوران معلوم ٿيو آهي ته ايشياءَ جي اونهي ۽ 105 ڪلوميٽر هم چورس ايراضي تي پکڙيل ڍنڍ ڪيتري عرصي کان مختلف کاتن آبپاشي، فشريز، وائلڊ لائيف، سنڌ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ ڪارپوريشن ۽ واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ڪراچي جي انتظامي بي ڌياني ڪري خوبصورت ڪينجھر ڍنڍ ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جي صنعتن جي بغير ٽريٽمينٽ واري زهريلي ڪيميڪل ۽ زهريلي پاڻي جي داخل ٿيڻ توڙي ڍنڍ ۾ سالن کان تيزي سان وڌندڙ آسٽريلن بي پاڙي ول سبب ڍنڍ تيزي سان ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهي سخت متاثر ٿي رهي آهي، معلوم ٿيو آهي ته 57 آر ايل تائين جي گھري سطح رکندڙ ڍنڍ ڪينجھر ۾ سالن کان تيزي سان پکڙجندڙ آسٽريلن بي پاڙي ول سبب ڍنڍ ۾ مڇي جي نه رڳو پيداوار گھٽجي رهي آهي، پر ول سبب ڍنڍ ۾ مڇي جو هلڻ ڦرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪينجھر ڍنڍ ۾ پاڻي جي داخل ٿيڻ واري هنڌ تي جالين جي نه هجڻ ڪري نه رڳو ڪينجھر جي مڇي ٻاهر نڪري رهي آهي پر ڪوٽڙي جي صنعتن جي بغير ٽريٽمينٽ وارو زهريلو مادو ۽ لوياڇ نئين وسيلي نوري آباد جي صنعتن جو پڻ زهريلو مادو ڪينجھر ڍنڍ ۾ تيزي سان داخل ٿي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ڪي بي فيڊر اپر وسيلي چل سائيڊ کان پڻ ڪينجھر ڍنڍ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي مضبوط لوهي جالين جي نه هجڻ ڪري مئل جانور توڙي گند وغيره پڻ ڍنڍ ۾ داخل ٿيڻ ڪري ڍنڍ ۾ وڌندڙ گدلاڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن، هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڍنڍ جي تيزي سان ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهڻ ڪري ڍنڍ جي مياڻين سونهري مياڻ، هيلايا مياڻ، کنڀو مياڻ، چليا مياڻ، دولتپور مياڻ، ڍور مياڻ، مولدي مياڻ ،چکرو مياڻ، جهمپير مياڻ ، گهنڊڙي مياڻ، کڏائي مياڻ ۽ چلھه مياڻ سوڌو 12 کان مٿي مياڻين تي مڇي جو شڪار گھٽ هجڻ ڪري هتان جي 50 کان مٿي ڳوٺن جي 50 هزار کان مٿي انساني آبادي جو پڻ روزگار سخت متاثر ٿي ويو آهي.

سڄاڻ ڌرين پاران نيري پاڻي واري ڍنڍ جي تباهي جا ذميوار ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندا قرار

ٺٽو : سڄاڻ ڌرين نيري پاڻي واري ڍنڍ جي تباهي جا ذميوار ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندا قرار ڏئي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ “پنهنجي اخبار” جي رابطي ڪرڻ تي پڻ ڪينجھر ڍنڍ جي رهواسي مهاڻن توڙي سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڏاڏا آدم گندرو، عبدالحميد پالاري، ارشاد گندرو، انيس هيلايو ۽ ٻين چيو آهي ته نوري ڄام تماچي جي عشقيه داستان سان منسوب نيري پاڻي جي وڏي تاريخي مٺي پاڻي واري ڪينجهر ڍنڍ ضلعي انتظاميه، ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني ڪري پنھنجي سونھن وڃائي رھي آھي، هنن چيو  ته ڪينجھر ڍنڍ آسٽريلن بي پاڙي ول، ڪوٽڙي ۽ نوري آباد جي فيڪٽرين جي زهريلي گدلي پاڻي سميت ڪينجهر جي چوطرف ڪنارن تي ٿيندڙ والار توڙي غيرقانوني قبضن ڪري پڻ مقامي ماھيگيرسخت پريشانين جي ور چڙهيل آهن، هنن چيو ته ادارن جي غلط پاليسين ۽ غلط منصوبابندي سبب هٿ سان ڪينجهر ڍنڍ کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آھي، هيڏي وڏي اوج واري شاهوڪار ڪينجهر ڍنڍ جتان ريلون ۽ ٽرڪون مڇي ڍوئينديون ھيون، پر اڄ اتي ڪانگ به نٿو لڀي، جنهن ڪري هزارين ماھيگير بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي هتان جا ماھيگير منڇر، سانگهڙ، بدين زيرو پوائينٽ، ابراهيم حيدري بلوچستان ۽ پنجاب جي پاڻي وارن علائقن ڏانهن روزگار لاءِ لڏ پلاڻ ڪري ويا آھن، هنن چيو ته ڪينجھر ڍنڍ ۾ پاڻي فراهم ڪندڙ لنڪ ڪئنال جي ريگيوليٽرن تي لڳل ڄاريون به زبون حالي جو شڪار ٿي ٽٽي تباهه ٿي ويون آھن، جنهن ڪري ڇڏيل مڇي به بئراجن مان ضايع ٿي رهي آھي، جڏهن ته برساتن دوران پڻ نوري آباد ۽ ڪوٽڙي جي فيڪٽرين جو زهريلو مادو برساتي پاڻي نئين ۽ بئراجن  ذريعي ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آھي، جنهن سبب آبي جيوت ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهي ڪينجهر ڍنڍ مان ختم ٿي رھي آھي، جڏهن ته هنن گھر ڪئي آهي ته ڪينجھر ڍنڍ طرف فوري ڌيان ڏئي ڪينجھر کي ماحولياتي تباھي کان بچائي ان جي چئوطرف ٿيل قبضا خالي ڪرائي مهاڻن کي وڌيڪ بيروزگار ٿيڻ کان بچائي ڍنڍ کي وڌيڪ خوبصورت بڻايو وڃي.

 

ڪينجهر جو پاڻي پيئڻ جي لائق آهي: پبلڪ هيلٿ کاتو

ٺٽو : پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي جي ايگزيڪيٽوو انجنيئر ساجد ملاح پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينجهر ۾ موجود پاڻي پيئڻ جي لائق آهي هن چيو ته واهن ۾ ايندڙ پاڻي ۾ مٽي هوندي آهي، جڏهن ته ڪينجهر ۾ موجود پاڻي ۾ مٽي وغيره هيٺ ويهي رهندي آهي، جنهن ڪري ڪينجهر جو پاڻي صاف هجڻ ڪري ڦٽڪي لڳائڻ بنا پيئڻ جي قابل بڻجي ويندو آهي، هن چيو ته ڪينجهر مان ڪراچي کي پڻ گجو (ڪي بي) ڪئنال ذريعي پيئڻ جي پاڻي فراهمي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪراچي گجو ڪئنال کليل هجڻ ڪري ان جي پاڻي کي استعمال لاءِ فلٽر ڪيو ويندو، هن چيو ته ڪينجهر جي پاڻي جي استعمال دوران ڦٽڪي جي ضرورت نه هوندي آهي، جڏهن ته کليل واهه ذريعي پاڻي کي استعمال کان اڳ مقدار موجب ڪلورين ڏني ويندي آهي.

 

ڪينجهر  ۾ داخل ٿيندڙ گدلو پاڻي بند ڪيو آهي: آبپاشي کاتو

ٺٽو : آبپاشي کاتي ٺٽي جي بگھاڙ سرڪل ڊويزن جي ايگزيڪيٽوو انجنئير عطا محمد ڇڄڙو دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڪينجهر ۾ صنعتن جو پاڻي داخل ناهي ٿيو، هن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينجهر ۾ مٺو پاڻي ڇڏيو ويندو آهي، جڏهن ته هن وقت ڪينجهر ۾ پاڻي ڇڏڻ واري واهه ڪلري بگھاڙ واهه اپر جي لائننگ جو ڪم هلندڙ جنهن ڪري ڪينجهر ۾ پاڻي داخل نه پيو ٿئي، هن چيو ته لائننگ واري ڪم جي مڪمل ٿيڻ سان ڪينجهر ۾ ڪي بي فيڊر ذريعي مٺو پاڻي ڇڏيو ويندو، جڏهن ته صنعتن واري پاڻي جو ڇوڙ ڪينجهر ۾ نه پيو ٿئي، هن چيو ته ڪينجهر جو پاڻي پيئڻ سان گڏ ٻئي استعمال جي قابل آهي، باقي هن وقت ڪي بي فيڊر اپر جي لائننگ واري ڪم جي هلڻ سبب ڪينجهر ۾ داخل ٿيڻ واري پاڻي کي ڳنڍا هڻي بند ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ئي لائننگ جو ڪم مڪمل ٿيندو پوءِ ڪينجهر ۾ ڪي بي فيڊر اپر ذريعي مٺي پاڻي جو ڇوڙ ڪرايو ويندو، زهريلي پاڻي جي ڇوڙ بابت اسان وٽ ڪوبه آفيشل رڪارڊ نه آهي.

 

سولر فليوٽ منصوبو جهنگلي جيوت لاءِ خطري جي گهنٽي بڻيل

ٺٽو : ڪينجهر ڍنڍ جتي وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ سبب آبي ۽ جھنگلي جيوت لاءِ خطري واري شڪل اختيار ڪري رهي آهي، اتي ڪينجهر ڍنڍ ۾ پڻ 15 ڪلوميٽرن جي هم چورس ايراضيءَ ۾ پڻ 500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سولر فليوٽ جي قائم ڪرڻ جون پڻ تياريون شروع ڪيون پيون وڃن، ٻڌايو پيو وڃي ته 78 ارب رپين جي لاڳت سان 500 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري سولر فليوٽ واري منصوبي جي قيام عمل ۾ اچڻ سان ڪينجهر ۾ رهيل سهيل آبي جيوت توڙي ايندڙ پيکين جي آمد پڻ گھٽجي ويندي ۽ پڻ وڏي پئماني تي سولر فليوٽ منصوبي جي قيام سان ڪينجهر جي ڄاڻايل سموري 105 ڪلوميٽر واري هم چورس هنڌ جي هيٺائين پاسي سج جي روشني جي نه وڃڻ ۽ سولر فليوٽ جي شور سبب آبي ۽ جهنگلي جيوت کي سخت خطرن لاحق ٿيڻ جو پڻ واضع امڪان آهي .

 

سولر پراجيڪٽ ماحول دوست آهي، مڇي نه مرندي: ملڪاڻي

ٺٽو : فشريز ۽ لائيوو اسٽاڪ جي وزير محمد علي ملڪاڻي پڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڪينجهر ۾ 500 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار لاءِ سولر فليوٽ جي لڳڻ سان مڇي جي پيدائش تي ڪوبه اثر نه پوندو، هن چيو ته سولر ماحول دوست آهي جنهن ڪري ڪينجهر وڏي ڍنڍ آهي، ان تي ان جا اثر نه پوندا، جڏهن ته هن اهو به چيو ته ڪينجهرڍنڍ ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ جيڪو فليوٽ سولر لڳايو ويندو، اهو ڍنڍ جي 15 ڪلوميٽرن جي هم چورس واري ايراضي تي هوندو، جنهن ڪري ڪينجهر جي آبي توڙي جھنگلي جيوت تي اثر نه پوندو ۽ نه ئي انهيءَ منصوبي سان ڪينجهر جي ماحولياتي گدلاڻ جي وڌڻ جو امڪان آهي .

زهريلو پاڻي بند ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير سان ڳالهاڻو پوندو: صادق ميمڻ

ٺٽو  : پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صادق علي ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪينجهر ڍنڍ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي آهي ان مان ڪراچي کي پڻ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏنو ويندو، جنهن ڪري ان ۾ صنعتي ادارن جي بنا ٽريٽمينٽ پلانٽ واري پاڻي کي ڪينجهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي، زهريلو پاڻي بند ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير سان ڳالهاڻو پوندو، هن چيو ته صنعتي ڪارخانن جي بنا ٽريمينٽ پلانٽ واري پاڻي جي ڪينجهر ۾ داخل ٿيڻ سان پاڻي تي اثر پوي ٿو ۽ ان سان بيماريون پڻ ٿين ٿيون، هن چيو ته کيس تجربو آهي ته جڏهن ته واهن ۾ بندي هوندي آهي ته ڪي بي فيڊر ۾ سلو پاڻي جي اچڻ سان صنعتن واري گندي پاڻي هئڻ ڪري مڇيون مري وينديون آهن، هن چيو ته واهن ۾ اهڙي پاڻي لاءِ پڻ چيو ويندو آهي ته ٻن ڏينهن بعد پاڻي کي ڪتب ۾ آندو وڃي، جنهن ڪري اهو بنا ٽريمٽمينٽ وارو پاڻي انتهائي خطرناڪ هوندو آهي، هن چيو ته لاڳاپيل انڊسٽريز جي انتظاميه کي گھرجي ته هو صنعتن واري پاڻي کي ڪنهن به صورت ۾ بغير ٽريٽمينٽ جي نه ڇڏين.