ٺٽو (رپورٽر ) نوري ڄام تماچي جي داستان سان لاڳاپيل نيري پاڻي جي وڏي ڍنڍ ڪينجھر کي ھيلايا پوائنٽ کان سونھري ڳوٺ تائين ڏنل وڏي بچاءَ بند جو روڊ ھنڌا ھنڌان اکڙي وڃڻ ڪري گاڏين جي ھلڻ جي لائق به ناھي رھيو ۽ نه ئي ان روڊ جو رھيل ڪم مڪمل ٿي سگھيو آھي جڏھن ته برساتون پوڻ ڪري بچاءَ بند ۾ کڏا پئجي ويا آھن، جيڪي به ڪنھن وقت نقصانڪار بڻجي سگھن ٿا، پر انتظاميا ڪو به تحرڪ ناھي ورتو، مقامي رھواسين گھر ڪئي آھي ته فوري طور تي ڪينجھر ڍنڍ کي ڏنل بچاءَ بند جي روڊ کي نئين سر تعمير ڪرائي ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ ايندڙ سياحن ۽ مقامي رھواسين کي بھتر سفري سھولتون مھيا ڪري کين وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي.