اوٽاوا(انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان ڄائي پرڏيهه ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري ڇڏيو، پاڪستان ڄائو ڊاڪٽر عمر اسلام ڪيناڊا جي قديم ترين سرڪاري اسپتال ڪنگسٽن هيلٿ سائنسز سينٽر (KHSC) ۾ ريڊيالوجي شعبي جو سربراهه آهي، ڪجهه سال اڳ طبي اوزارن جي نمائش ۾ هن کي هڪ نئين ايجاد، پورٽيبل ايم آر آءِ اسڪين مشين (Swoop MRI) نظر آئي، جيڪا آءِ سي يو ۾ رکڻ لاءِ آمريڪي ڪمپني بڻائي هئي، ايم آر آءِ اسڪين جسماني ۽ ذهني مرضن جي بهترين تشخيص ڪندي آهي، ان کي ڏسي ڊاڪٽر عمر کي خيال آيو، اها ننڍن شهرن، ڳوٺن، ٻهراڙين جي طبي مرڪزن ۾ لڳي وڃي ته لکين ماڻهن کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، روايتي ايم آر آءِ مشين مهانگي، تمام گهڻي وزني هوندي آهي ۽ رڳو وڏن اسپتالن ۾ هوندي آهي، ننڍن علائقن جا رهواسي وڏي شهر اچي تشخيص ڪرائيندا آهن، جنهن تي تمام گهڻا پيسا، وقت ۽ توانائي لڳندي آهي، ڊاڪٽر عمر پنهنجو خيال اسپتال انتظاميه ۽ آمريڪي ڪمپني کي ٻڌايو ته سڀني کي پسند آيو، سندس هدايت تي ڪمپني پورٽيبل مشين ۾ تبديليون ڪيون ته جيئن اها ننڍي اسپتال يا ڪلينڪ ۾ لڳي سگهي، پوءِ ڪيناڊا جي صحت واري کاتي لڳائڻ جي منظوري ڏني، گذريل مهيني کان اها مشين ڪيناڊا جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي طبي مرڪزن ۾ لڳي چڪي آهي ۽ هزارين ماڻهو ان مان فائدو وٺي رهيا آهن، اهي آرام سان بيمارين جي تشخيص ڪرائيندا آهن ۽ جلد صحت ماڻيندا آهن، ڊاڪٽر عمر جو منصوبو آهي ته اها پورٽيبل مشين بلوچستان، سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن عالئقن ۾ به لڳائي وڃي، ته جيئن لکين ڏيهه واسين کي تشخيص جي فوري ۽ بهترين سهولت ملي، اها ايم آر آءِ ڪافي مشين جيتري بجلي استعمال ڪندي آهي ۽ ننڍي جڳهه تي لڳي سگهي ٿي، ان کي هلائڻ سکڻ به سولو ۽ هلائڻ جو خرچ به گهٽ آهي.