ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي 4 ورسي جي تقريب ترقي پسند هائوس سامهون نصرپور روڊ تي ملهائي وئي، جنهن ۾ ايس ٽي پي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سميت مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. الطاف جسڪاڻي جي ورسي جي تقريب ۾ ضلعي جي صدر عبدالمالڪ دائوداڻي ۔جنرل سيڪريٽري محبوب سمون ۔ مير محمد پتافي ۔ امداد ناريجو ۽ ٻين سميت ايس ٽي پي جي سوين ڪارڪنن شرڪت ڪندي شهيد الطاف جسڪاڻي کي سرخ سلام پيش ڪيو ۔ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي هڪ بهادر ۽ دلير اڳواڻ هو ۔جنهن جي قاتلن کي فوري طور تي ڦاهي تي چاڙهي انصاف فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ الطاف جا ساٿي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندا ۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين ۔آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ کي تباھ ڪرڻ جو پڪو پھ ڪري ڇڏيو آهي ۔ ٻنهي پي پٽن سنڌ جي نياڻين کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي ۔جنهن کانپو۽ هاڻ هنن جو آخري حملو اسان مٿان اهو ڪيو پيو وڃي ته سنڌو دريا جو پاڻي بند ڪيو وڃي سنڌ جي سياسي يتيمن وسيلي سنڌو دريا مان 6 ڪينال ڪڍرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر اسين سنڌو دريا کي بچائڻ لا۽ پهنجا سرقربان ڪري ڇڏينداسين ۔هن وڌيڪ چيو ته 24 نومبر تائين حڪمرانن سنڌو دريا تي ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو ته سموري سنڌ کي بلاڪ ڪري ڇڏينداسين.