ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف تحريڪ جو پس منظر

0
74
ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف تحريڪ جو پس منظر

پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، باپ پارٽي بلوچستان جي اڳواڻ انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزير اعظم ڪري غير آئيني طور تي 20 جون 2023 تي اسپيشل انويسمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو جوڙي غير جمھوري قوتن کي سول اقتدار ۾ ڀائيواري ورتي. ٿيڻ ائين گھربو ھو ته 8 فيبروريءَ تي “چونڊيل” حڪومت  ان اداري کي ختم ڪري ھا پر نواز ليگ ۽ پ پ جي گڏيل حڪومت ان کي جاري رکيو ۽ وفاقي حڪومت، سنڌ ۽ پاڪستان جي مظلوم ماڻھن جو پاڻي۽ زمينون ڦٻائڻ لاءِ ٺاھيل ايس آءِ ايف سي تابع ٿي ڪري ڪم ڪري رھي آھي. اھڙيون ڪارروايو ماضي ۾ به ٿينديون رھيون آھن جنهن جي جھلڪ ھيٺ ڏجي ٿي:

                 1960ع ۾ غير جمھوري حڪران ايوب خان ون يونٽ مڙھي سنڌ صوبي جي انتظامي حيثيت ختم ڪري ڇڏي سنڌ جي مرضيءَ کان سواءِ سنڌ جي ڀائيواري وارا 3 دريا ستلج، بياس ۽ راوي ھندستان کي وڪڻي ڇڏيا، جنهن جي ڪري پاڻي جي سخت اڻاٺ پيدا ٿي. ان وقت پاڻي ۽ معدني وسيلن وارو وزير ذوالفقار علي ڀٽو ھو. ان سان گڏ ايوب خان گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن جون بهترين زمينون فوجين کي الاٽ ڪيون، ان جي خلاف سنڌ جدوجھد ڪئي. پنجاب صوبي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ دريائن تي ڊيم اڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن ۾ 1968 ۾ سنڌو درياءَ تي تربيلا ڊيم ٺاھيو ويو، پوءِ جھلم درياءَ تي منگلا ڊيم ٺاھيو ويو. اھي، جھلم دريا تي منگلا ڊيم ٺھڻ جي ڪري پنجاب ۾ جيڪا پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ان کي پورو ڪرڻ لاءِ 1971ع ۾ سنڌو درياءَ مان چشما- جھلم لنڪ ڪينال ڪڍيو ويو. سنڌو دريا جا وھڪرا گھٽجڻ جي ڪري ٺٽي ۽ بدين ضلعن جو ڊيلٽا تباھ ٿيڻ شروع ٿي ويو.  وري  1976ع ۾ سنڌو درياءَ مان  تونسا- پنجند ڪينال ڪڍيو ويو. پنجاب سرڪار جي طرفان اھو ڪوڙ ڳالھايو ويو ته اھي ٻئي ڪينال ٻوڏ جي صورت ۾ وھايا ويندا پر حقيقت ۾ اھي ڪينال جڏھن ٻوڏ واري صورتحال نه ھوندي آھي، تڏھن به وھايا وڃن ٿا. ان جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ٿي ۽ ڪوٽڙي کان ھيٺ تارو تار وھندڙ دريا سڪڻ شروع ٿيو ۽ ڊيلٽا مڪمل برباد ٿي ويو. سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه وڃڻ جي ڪري  پکي، جانور ماڻھو پورو ايڪو سسٽم تباھي جو شڪار ٿي ويو.

1986ع ۾ محترم رسول بخش پليجي صاحب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو کڻڻ شروع ڪيو. سنڌي عوام احتجاج ڪيو. 1991ع ۾ نواز ليگ جي وفاقي حڪومت سنڌ صوبي ۾ ھڪ ڊمي قسم جو وزير اعليٰ ڄام صادق علي ويھاري ان کان صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي ٺاھ تي صحي ڪرائي. جنهن پنجاب ۽ وفاقي حڪومت جي طرفان سنڌ جي چورايل پاڻي جو ڪو به حساب نه وريو. 1991ع جي فارمولا تحت پاڪستان ۾ موجود پاڻي مان پنجاب جو 55 سيڪڙو، سنڌ جو 48 سيڪڙو، ڪي پي ڪي جو 5 سيڪڙو، ۽ بلوچستان جو 3 مقرر ڪيو ويو. جنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ارسا جو ادارو قائم ڪيو ويو.

پنجاب ۽ وفاقي سرڪار سنڌ کي پويون حساب نه ڏيڻ ۽ 1991ع واري لولي لنگڙي پاڻي واري معاھدي تي عمل ڪرڻ بجاءِ سنڌو نديءَ مان وڌيڪ پاڻي کڻڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو، جنهن لاءِ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي حڪومتي دورن ۾ تعمير جي خواھش ڏيکاري. عوامي تحريڪ سنڌ قوم جي اڳواڻيءَ ھيٺ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف جدوجھد ڪئي ۽ اھو منصوبو اتي پيل آھي پر مختلف دورن ۾ اھو منصوبو شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿينديون رھيون آھن. ايتري تائين جو سپريم ڪورٽ جنهن جو ڪم انصاف ڏيڻ آھي، ان جو چيف جسٽس ثاقب نثار به سنڌو تي ڊيمن جي مھم ۾ ڪاھي پيو ۽ چيائين تھ ڊيم مخالفن تي آرٽيڪل 6 تحت ڪارورائي ڪندس. پوءِ سپريم ڪورٽ ڪراچيءَ کان ٿورو مفاصلي تي پريس ڪلب ڪراچي وٽ سنڌياڻي تحريڪ وڏو احتجاج ڪيو.

1999ع ۾ مشرف مارشلا لاڳو ڪئي، واپڊا جي اداري جي طرفان سنڌو درياءَ مان 2002ع ۾ گريٽر ٿل ڪينال جو منصوبو شروع ڪيو ويو. عوامي تحريڪ اينٽي گريٿر ٿل ڪينال ايڪشن ڪميٽي جي پليٽ فارم تان ان منصوبي جي خلاف جدوجھد ڪئي. 2007ع ۾ پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ٺاھي ان ٿل ڪينال جو ڪم جاري رکڻ ڏنو ۽ 2008 ۾ گريٽر ٿل ڪينال جو پھريون حصو مڪمل ٿيو. ان دوران سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت سنڌ جو قيمتي شھري زمينون ڊي ايڇ اي سٽي، بحريا ٽائون، ۽ ٻين اجگر بلائن جي حوالي ڪري چڪي آھي، سنڌ جا ٻيٽ وفاقي حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جو ڪارونجھر جي ڪٽائي جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي خلاف ڀرپور عوامي جدوجھد ھلي.

عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ 8 مارچ 2022 تي پيش ڪئي وئي. هي رٿ پارليامينٽ ۾ منظور ٿي ۽ ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (پي ڊي ايم اتحاد) عبوري حڪومت 11 اپريل 2022 تي شروع ٿي شہباز شريف کي وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. شهباز شريف جي عبوري حڪومت اپريل 2022 کان اگسٽ 2023 تائين هلي. آگسٽ جي مھيني ۾ قومي اسيمبليءَ تمام گھڻا بل پاس ڪيا، انهن بلن ۾ ھڪڙو بل بورڊ آف انويسمينٽ آرڊيننس 2001 ۾ ترميم ڪري اسپيشل فيسليٽيشن ڪائونسل ٺاھي وئي. جنهن اداري لاءِ عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين چيو ته ھي بل آئين تي حملو آھي. ان کان پوءِ انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران حڪومت آگسٽ 2023 کان فيبروري 2024 تائين رهي.

1991ع واري پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٺاھيل اداري ارسا جي روح خلاف انوار الحق ڪاڪڙ جي نگران حڪومت ۾ تمام خطرناڪ زھريلي قسم جو آرڊيننس پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تحت 18 جنوري 2024ع تي تجويز ڪيل ترميمن جا اهم نقطا هيٺيان آهن:

*  IRSA جي جوڙجڪ ۾ تبديلي، جنهن ۾ چيئرمين وفاقي حڪومت جو حاضر سروس يا رٽائرڊ BPS-21 يا مٿين گريڊ جو آفيسر هوندو، جيڪو وزيراعظم طرفان مقرر ڪيو ويندو، پر کيس ووٽ جو حق نه هوندو؛

* نائب چيئرمين جو عهدو قائم ڪيو ويندو، جيڪو چار ئي صوبن جي ميمبرن پاران هڪ سال جي مدت لاءِ واري واري سان سنڀاليو ويندو.

* فني معاملن ۾ چيئرمين ۽ اٿارٽي جي مدد لاءِ هڪ آزاد ماهرن جي ڪميٽي (IEC) قائم ڪئي ويندي.

* پاڻي جي چوري، تنصيبن يا ڊيٽا ۾ ڇيڙڇاڙ ۽ ٻين غيرقانوني يا ڌوڪيباز سرگرمين جي خلاف قانون تحت ڪارروائي جا اختيار ڏنا ويندا.

* ڪنهن به صوبي، اٿارٽي جي ميمبر يا واپڊا جي شڪايتن تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس ڏانهن ريفر ڪرڻ کان اڳ چيئرمين کي جائزي جو اختيار حاصل هوندو.

* اهڙن هنڌن يا تنصيبات جي تحفظ لاءِ، جيڪي IRSA ايڪٽ تحت حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم قرار ڏنل هجن، چيئرمين کي وفاقي حڪومت کان فوج يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد گهُرڻ جو اختيار حاصل هوندو۔

شہباز شريف 3 مارچ 2024 تي ٻيهر پاڪستان جو وزيراعظم منتخب ٿيو، جنهن کانپوءِ هنن ئي اتحادي حڪومت جوڙي، جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (نواز)، پاڪستان پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم-پاڪستان، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي، ۽استحڪامِ پاڪستان پارٽي شامل آهن.​ هن اتحادي حڪومت ۾ پيپلز پارٽي کي وفاقي سطح تي اهم وزارتون ڏنيون ويون، جڏهن ته آصف علي زرداري کي صدر مملڪت بڻايو ويو. يوسف رضا گيلاني سينيٽ چيئرمين بڻيو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي حڪومتون، پنجاب ۽ ڪي پي جا گورنر پي پي جا مقرر ڪيا ويا.

6 جولاءِ 2024 تي پاڪستان جي صدر آصف زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي مظلوم ماڻھن جو پاڻي ۽ زمينون ڦٻائڻ لاءِ ٺاھيل ايس آءِ ايف سي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ھن سنڌو درياءَ مان چولستان ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال (چوبارا)، چشما رائيٽ بينڪ ڪينال، ڪڇي ڪينال، ٿر ڪينال ۽ ريڻي ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ آصف زرداري ايس آءِ ايف سي کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي لاءِ صوبائي حڪومتن کي زمينون ڏيڻ جون ھدايتون جاري ڪيون آھن. انهن ڪينالن جي خلاف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جدوجھد ٿي رھي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪينالن جي خلاف عوامي شعور وڌي رھيو آھي. گذريل ٻن سالن کان سنڌ جو عوام ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف روڊن تي آھي پر سنڌ حڪومت ان تي ڪو جوڳو رد عمل ظاھر ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آھي ۽ ھر بيان ۾ سي سي آءِ جو اجلاس ڪوٺائڻ جو دلاسو ڏنو ٿو وڃي. سي سي آءِ ۾ ٿيل فيصلن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ان اداري سنڌ جي اھم معاملن ۾ پنجاب حڪومت جو ساٿ ڏنو آھي.

پنجاب جي مختلف سرڪارن پاران سنڌ جي پاڻي چوري ڪرڻ جي ڏيڍ سئو سالن جي تاريخ لکي محترم رسول بخش پليجي صاحب پسنڌ قوم کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته پنجاب جي سرڪار ۽ وفاقي سرڪار پاڻي جي عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪري ڏوھ ڪري رھيون آھن. سنڌو دريا تي پنجاب سرڪار پاران ٺھندڙ ڪينالن ۽ ڊيمن ۽ سنڌ جي زمينون ڦٻائڻ وارن عملن جي تاريخ ثابت ٿي ڪري ته وفاقي سرڪار وٽ سنڌ جي لاءِ انصاف جا دورازا بند آھن. ان جي ڪري سياسي ڌريون سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن جو ڪيس پر امن جمھوري جدوجھد جي وسيلي عوام وٽ پيش ڪري رھيون آھن. اھا تحريڪ ايم آر ڊي جي تحريڪ کان وڏي تحريڪ ٿي اڀري آھي. عوام جي گڏيل شعور ۽ پنجاب جي صوبائي ۽ وفاقي سرڪار پاران ڪيل نا انصافين کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ کان عوام انڪار ڪري ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي وٽ ماڻھن کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجھ ناھي. بلاول 4 اپريل 2025 تي گڙھي خدا بخش ۾ جيڪا تقرير ڪئي، اھا به وفاق سان بيھڻ واري ڳالھ ھئي. ڇاڪاڻ ته کيس وزيراعظم ٿيڻو آھي. پر 7 ڪروڙ سنڌي ماڻھن جي جياپي پاڻي کي کپائي وزارت عظميٰ ۾ ڪھڙي عظمت ھوندي؟ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جا سمورا وسيلا کپائڻ کان پوءِ بچيل ھڪ پاڻي ھو، سو به کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. سو ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف شروع ڪيل ھن تحريڪ ۾ سنڌي عوام جي 78 سالن جو محروميون به شامل آھن. اھا تحريڪ ھلندي رھندي جيستائين ايس آءِ ايف سي کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي. گرين پاڪستان انيشيٽو کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي. وفاقي سرڪار سنڌو مان 6 نوان ڪينال ٺاھڻ وارو منصوبو واپس نه ٿي وٺي ۽ جيستائين سنڌ جو ڊيلٽا مڪمل طور بحال نه ٿو ٿئي.

[email protected]