ڪينالن واري تحريڪ ۽ تبديل ٿيندڙ سنڌ

0
56
ڪينالن واري تحريڪ ۽ تبديل ٿيندڙ سنڌ

 سنڌ جو عام ماڻھو پنھنجي سيڪولر جمھوري  ۽  عدم تشدد واري مزاج سبب اڄ به پاڪستان جي مقتدر حلقن لاءِ پريشاني جو سبب بنجي رھيو آھي. سنڌ پنھنجي تشخص برقرار رکڻ لاءِ جرئت ۽ بھادري سان سماج جي اونداھي قوتن سان مھاڏو اٽڪائيندي رھي آھي. سنڌوءَ تي ٺھندڙ ڪئنالن خلاف عوامي سطح تي آيل شديد ردعمل مقتدر حلقن لاءِ بلڪل غيرمتوقع ھو/ آھي. ڇاڪاڻ ته ھن ملڪ جي اقتداري حلقن ۾ خاص ڪري  وفاق ۾ اھو مائينڊ سيٽ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ڪم ڪري رھيو آھي ته سنڌ جي  ڀوتارن کي پاور ڪاريڊور ۾ نالي ماتر حصو پتي ڏنو وڃي، باقي سنڌ جو عام ماڻھو ڄاڻي، سنڌ جا ڀوتار ڄاڻن. عام ماڻھو ڀلي مسڪين جاھل ۽ اٻوجھ رھي. انھن کي، انھيءَ ڪسمپرسي واري حالتن مان ڪڍڻ واري بنيادي حڪومتي ذميواري کان رياست پاڻ کي آجو ڪري رکيو آھي. انھيءَ مائينڊ سيٽ جو ئي سبب آھي جو وفاق کي سنڌ جون زمينون، تيل، گيس، ڪوئلو، درياءُ، بندرگاھ ۽ ٻيا وسيلا کپن، باقي عام سنڌي ماڻھوءَ جي ڇا حالت آھي، انھيءَ سان حڪومت جو ڪو ڏيڻو وٺڻو ڪونھي. مشرف جي دور ۾ سنڌ کي  ڀوتارن ۾ ورھائي ننڍيون ننڍيون رياستون بڻايون ويون ھيون. بدقسمتي سان پيپلز پارٽي نه صرف انھيءَ تسلسل کي قائم رکيو آھي، پر ان کي وڌيڪ مضبوط بنايو آھي. ماضي ۾، توڙي اڄ به مٿي ڄاڻايل مقتدر اپر ڪلاس (وڏيرو )، اصل حڪمران طبقي جي دلالي لاءِ ھڪيو تڪيو حاضر رھيو آھي. انھيءَ وطن فروش ويڪائو وڏيري کي عام ماڻھو جي ڪابه پرواھ ڪانھي. سندن حڪمت عملي آھي ته عوام کي راڄ ڀاڳ، برادرين، قبيلن، غيرت جي ھٿ گھڙيل تصورن جي تضادن ۾ منجھائي رکڻو آھي ته جيئن سندس اقتدار محفوظ رھي سگهي. انھيءَ مذموم حڪمت عملي ۽ ٽڪساٽ ھوندي به ھاڻي صورت حال تيزي سان تبديل ٿي رھي آهي، جيڪا اتساھ جوڳي آھي. سنڌين جو اجتماعي سياسي  شعور، اقتداري وڏيرن کي ھن وقت وائڙو بنائي ڇڏيو آھي. سندن سياسي ۽ سماجي گرفت ڪمزور ٿي رھي آھي، جنھن جو ڪريڊٽ سنڌ جي نوجوانن ڏانھن وڃي ٿو. انھيءَ مثبت سجاڳي جي آبياري اسان جي ماضي جي سياسي اڪابرن جي گڏيل محنت جو نتيجو آھي. ھن وقت  اسان کي شخصيت پرستي ۽ پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪرڻو پوندو. انھيءَ بدلجندڙ صورتحال،  ھن وقت اقتدار جي رڌڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي جيڪا ڪنھن دور ۾ عوامي طاقت تي ضرور اعتماد رکندي ھئي، سا ھاڻ پنھنجي عوام مخالف پاليسين، اصل اقتدار  ڌڻين جي “جي حضوري” سبب سنڌ مان تيزي سان زوال پذير ٿي رھي آھي. ھن وقت ڪينالن وارو معاملو پيپلز پارٽي لاءِ اھڙو گرھ ٿي نڙي ۾ ڦاسي پيو آھي، جو نه ھو ڳوري سگھن ٿا، نه اوڳاڇي سگھن ٿا ۽ ڪوڙن مٿان ڪوڙ ڳالھائي رھيا آھن .

سمجھه ۾ ايئن پيو اچي ته گھڻي وقت کان وٺي اقتداري ايوانن ۾ اھا سوچ ڪم ڪندي رھي آھي ته سنڌ کان سنڌو درياءُ کسيو وڃي ته جيئن ھن ڌرتي کي ڀڙ ڀانگ ڪري زمينن تي قبضا ڪري ڌارين جي آبادڪاري ڪري ھن علائقي جي ڊيموگرافي تبديل ڪئي وڃي. ھي ھڪ قسم جي سوچ آھي، جنھن سان ڪوبه ماڻھو اختلاف ضرور رکي سگھي ٿو. ھن وقت ڀڙڀانگ ٿيل علائقن ۾ زمينون سرمائيدار ۽ سندن ويڪائو سنڌي دلال (اقتداري ڌر جا ٽائوٽ) تيزي سان خريد ڪري رھيا آھن. جنھن جا اڳتي ھلي خوفناڪ نتيجا نڪرندا. (ساڳي نوعيت جي صورت حال ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ فلسطين جي به رھي آھي، جنھن جا نتيجا اڄ اسان جي سامھون آھن). في الوقت ڪوھستان ۽ ڪوسٽل بيلٽ سندن آسان هدف آھن. اڳتي ھلي سموري سنڌ سان اھڙي ويڌن ٿيڻي آھي. سياسي مزاحمت لاءِ ضروري آھي پُرامن سياسي جدوجھد کي وڌيڪ سگھارو ڪيو وڃي ۽ سڀني ڌرين کي پاڻ سان گڏ کنيو وڃي .ھي فڪري  انقلاب ڪو اوچتو ناھي آيو، اسان جي نوجوان نسل گذريل پندرھن سالن کان سنڌ تي مسلط ڪيل حڪمرانن جي بدترين انتظامي قدمن، ميرٽ جي مسلسل لتاڙ،   اقرباپروري،  روزگار جي اڻھوند ۽ ڌارين جي وڌندڙ يلغار کي پنھنجي اکين سان ڏٺو آھي. بدقسمتي سان  اقتدار ڌڻين وٽ سنڌين جي ھن بي چيني ۽ حساسيت  کي سمجھڻ جو ادراڪ نه رھيو آھي، جنھن ڪري ھن وقت ڪينالن خلاف آيل شديد ردعمل گذريل  پندرهن وين سالن جي نالائقين جو نتيجو  آھي.

ھڪ طرف سرزمين تي اھا صورت حال آھي ته ٻئي طرف علائقي ۾ بدلجندڙ عالمي صورتحال خاص ڪري بلوچستان جي حالتن پڻ نوجوانن کي گھڻو ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. تنھنڪري ضرورت آھي ته ھن سياسي اُڀار جي رستا روڪ نه ڪئي وڃي ۽ حالتن جو ڳوڙھو اڀياس ڪري ڪو صحيح رستو ڪڍيو وڃي. اسان کي پڻ دانشمندي سان ھن ڪينال مخالف تحريڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. دشمن کي ڪمزور سمجھڻ واري خوشفھمي مان ٻاھر نڪرڻ گھرجي. مخالف ڪئمپ ۾  تحريڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ يقينن رٿابندي ٿيندي ھوندي. نوان نوان اشو سامھون آڻي تحريڪ جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اسان کي انھيءَ ڳالھ جو ادراڪ پڻ ھئڻ گھرجي ته سنڌ جي حساس ڊيموگرافي ۾ سنڌي مخالف قوتون اڄ به اقتداري ڌرين لاءِ ڀاڙيتي سپاھي طور خدمتون آڇڻ لاءِ ھڪيو تڪيو حاضر آھن. تنھنڪري ڪنھن به اشتعال انگيزي جي جواب ۾ اٻھرائپ کان پاسو ڪرڻ ضروري آھي. سنڌ جي ھي واحد تحريڪ آھي، جنھن ۾ زندگي جو ھر پرت شامل ٿي رھيو آھي. خوشي جي ڳالھ آھي ته سنڌ تبديل ٿي رھي آھي. ھي تحريڪ ھن وقت پنھنجي جوھر ۾ سياسي، معاشي، سماجي، طبقاتي، صنفي ۽ مذھبي (سنڌ دوست مذھبي فڪر) اھڃاڻ ۽ اتساھ  پڻ رکي رھي آھي.  يقينن لطيف ۽ سچل جي سنڌ تبديل ٿي رھي آھي. دعا آھي ته سنڌ جڳمڳ جرڪندي رھي .